Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

پڙهيون آهن ته هاڻي هن نيڪ عمل کي جاري رکڻو آهي. سڄو سال بلڪه جيستائين جان ۾ جان آهي، هميشه پنج ئي وقتن جون نمازون جماعت سان ادا ڪرڻيون آهن. ان سان گڏو گڏ نفساني خواهشن کان به پاڻ کي بچائڻو آهي. جيڪڏهن اسان اهي ٻه ڪم ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! اسان جو سماج سڌرندو، جڏهن معاشرو سڌرندو ته قوم به ترقي جي راهه تي وڌندي  ئي ويندي.

الله پاڪ اسان کي پڪو نمازي بڻجي ڪري ٻين کي به نمازي بڻائڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  

ماهنامه فيضانِ مدينه ايپلي ڪيشن جو تعارف

 اي عاشقانِ رسول! الْحَمْدُاللہ! دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمنٽ ”ماهنامه فيضان مدينه“ موبائل ايپلي ڪيشن متعارف ڪرائي آهي۔ هن ايپلي ڪيشن ۾  هي بهترين آپشنز موجود آهن:* پوئين تمام ماهوار فيضانِ مدينه جي PDF*تمام ماهوارن جا مضمون (آرٽيڪلز) ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن * جن کي ڪاپي ڪري شيئر ڪري سگھجي ٿو* سرچ آپشن جنهن ۾ تمام ماهوار سرچ ڪري ڪا به شيء تلاش ڪري سگھجي ٿي * تمام مضمونن جي موضوعن جي اعتبار سان ترتيب۔ اسمارٽ فون استعمال ڪرڻ وارن لاءِ پلي اسٽور تان هن ايپليڪيشن کي ڊاؤن لوڊ ڪري پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به هن جي ترغيب ڏياريو۔

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)

مسئلو: وضو کان بعد ڪپڙا تبديل ڪرڻ سان وضو ناهي ٽٽندو.

وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته ڪپڙا تبديل ڪيون يا ستر(اوگهڙ) کُلي وڃي ته وضو ٽٽي پوندو آهي. ائين ناهي. وضو کان بعد ڪپڙا لاهڻ کان وضو ناهي ٽٽندو ۽ نه ستر کلڻ کان وضو ٽٽندو آهي ٭ البت بغير سبب جي