Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat
مشغول رهيا ٭ الله جو ذڪر ۽ درود پاڪ جي ڪثرت ڪندا رهيا ٭ جن زڪوات ادا ڪئي ٭ صدقو ۽ خيرات ڪري پنهنجين نيڪين ۾ اضافو ڪندا رهيا، الله پاڪ انهن سڀني جا نيڪ عملَ پنهنجي پاڪ بارگاهه ۾ قبول فرمائي. رمضان المبارڪ جي حق جي ادائيگي ۾ جيڪي ڪميون ۽ ڪوتاهيون اسان کان ٿي ويون، الله پاڪ پنهنجي ڪرم سان اسان کي معاف فرمائي. ڪاش! زندگي ۾ وري بلڪه بار بار اسان کي رمضان المبارڪ ماڻڻ ۽ ان جون برڪتون ماڻڻ جي سعادت نصيب ٿئي. ڪاش! ايندڙ سال جو رمضان شريف اسان کي مديني منورہ ۾ گنبذ خضريٰ جي ڇانوَ ۾، مسجد نبوي شريف ۾ گذارڻ نصيب ٿئي!
اِک بار تو دِکھا دو رمضان میں مدینہ بیشک بنا لو آقا مہمان دو گھڑی کا([1])
اي عاشقانِ رسول! جهڙي طرح رمضان المبارڪ ملڻ هڪ سعادت آهي، اهڙيءَ طرح رمضان جي برڪتن کي برقرار رکڻ، رمضان جي ذوق کي باقي رکڻ به وڏي سعادت آهي. هاڻ اسان کي هي دعا گهرڻ گهرجي ته الله پاڪ اسان جي رمضان المبارڪ ۾ ڪيل عبادتن کي پنهنجي پاڪ بارگاهه ۾ قبول فرمائي ۽ اسان کي ان تي استقامت به عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
سورهءِ مريم جي هڪ آيت جي وضاحت
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان شروعات ۾ سورۂ مريم جي هڪ مبارڪ آيت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي.
سورۂ مريم قرآن پاڪ جي 16هين سيپاري جي هڪ مختصر سورت آهي. هن مبارڪ سورت ۾ الله پاڪ مختلف انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم ُالسَّلَام جو ذڪر فرمايو، مثال طور فرمايو:
وَ اذْكُرْ فِی الْكِتٰبِ اِبْرٰهِیْمَ۬ؕ-اِنَّهٗ كَانَ صِدِّیْقًا نَّبِیًّا(۴۱) (پارہ:16، سورۀ مريم: 41)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ڪتاب ۾ ابراهيم کي ياد ڪر! بيشڪ اهو نهايت سچو نبي هو.