Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

جو گذر ٿيو، ان هنن جي چشمي ۾ منهن ڌوتو. ان بي نمازيءَ جي چهري سان لڳڻ واري پاڻي جي اها نحوست ٿي جو انهن جا چشما سڪي ويا، انهن جا باغ ويران ٿي ويا ۽ هي شهر اجڙي ويو. پوءِ حضرت جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام    عرض ڪيو: اي عيسى عَلَیْهِ السَّلَام  ! اوھان بي نمازي جي دنياوي نحوست ته ملاحظه فرمائي ورتي، قيامت جي ڏينهن دوزخ کي بي نمازين سان ئي ڀريو ويندو. ([1])

الله! الله! اي عاشقانِ رسول! غور ڪريو! هڪ بي نمازيءَ جي گُرڙي ڪرڻ جي اهڙي نحوست ٿي جو سمنڊ ۾ قحط(ڏڪار) پئجي ويو، ۽ هڪ بي نمازيءَ جي چهري سان لڳڻ واري پاڻي جي اهڙي نحوست ظاهر ٿي جو اهو پاڻي چشمي ۾ ويو، ان چشمي ۾ ان جي نحوست شامل ٿي، پوءِ ان چشمي جو پاڻي جاتي جاتي پهتو، اتي نحوست ئي نحوست ڦهلجي وئي، ائين هڪ آباد شهر ويران ٿي ويو.

افسوس! اڄ ته حال اهو آهي جو شايد هر گهر ۾ بي نمازي آهي، اِلّا مَاشَآءَ اللہ!  جيڪي نمازي آهن سي آهن، الله پاڪ انهن کي سلامت رکي، نه ته اڪثر گهرن جو حال اهو ئي آهي، پٽ نمازي آهي ته پيءُ بي نمازي آهي، پيءُ نمازي آهي ته پٽ بي نمازي، پورو گهر نمازي هجي، اهڙا گهر تمام گهٽ ملندا ۽ پورو خاندان ئي بي نمازي هجي اهڙن گهرن جي ڪثرت ملندي.  اسان جي عملي هالت اهڙي آهي، پوءِ اسان روئندا وتندا آهيون ته روزيءَ ۾ برڪت ناهي، هزارين ڪمائيندا آهيون پوءِ به پوري ناهي ٿيندي.

فجر لاءِ اٿي نٿا سگهون

هڪ مسجد جي امام صاحب جو بيان آهي، چون ٿا: هڪ ڏينهن هڪ شخص مون وٽ آيو، ويچارو پريشان هو، ان ڏکويل لهجي ۾ چيو: قاري صاحب! مان وقت جي هير ڦير ۾ ڦاٿل آھيان، منهنجا اُبتا ڏينهن هلي رهيا آهن، منهنجي پنهنجي فيڪٽري هئي، اها بند ٿي وئي، ڪوبه ڪم صحيح نٿو هلي، حال اهڙو آهي جو سون کي هٿ لڳايان ٿو ته مٽي ٿي وڃي ٿو. مهرباني ڪري مون کي ڪو وظيفو ٻڌايو!

امام صاحب فرمائن ٿا: شيخِ طريقت، امير اهل سنت دَامَت بَرَکاتُہُمُ الْعَالِیَہ جن بي


 

 



[1]...انیس الجلیس (مترجَم)،صفحہ:7۔