Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat
اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري تي غور ڪريون؛ اسان ڪاٿي بيٺا
آهيون؟
پورو معاشرو عجيب بيچيني ۽ بي سڪونيءَ جو شڪار آهي.
غريب به بي چين آهي، ۽ هزارين ڪمائيندڙ به سڪون
کان محروم آهي.
مهانگائي، بيروزگاري، مشڪلاتون، چوري، ڌاڙا،
بدڪاري، ٽارگيٽ ڪلنگ، ۽ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا جرم اسان جي معاشري ۾ عام ٿي چڪا آهن ۽
اڃان وڌندا پيا وڃن، سڀ ڪنهن نه ڪنهن انداز سان غير محفوظ به آهن ۽ بيچيني جو شڪار
به آهن. ان جو سبب ڇا آهي؟ 2 بنيادي سبب آهن. نماز يعني اها عظيم عبادت جيڪا اسان
کي برائين ۽ بي حيائين کان روڪيندي آهي، اسان جي دل کي پاڪ ڪندي آهي، ڪردار کي
نکاريندي آهي، اسان کي اندران سڌاريندي آهي، اڄ مسلمانن هن نماز کي ضايع ڪري ڇڏيو.
نمازون ضايع ڪرڻ جا مختلف انداز
جي ها! اڄ ڪيترا آهن
جيڪي نمازون پڙهندا آهن؟ مسجدون ڪيتريون آباد آهن؟
ماهِ رمضان ۾ به سڀ مسلمان مسجدن جو رخ نٿا ڪن،
عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه نمازين جو واڌارو ٿيندو آهي ته مسجدن ۾ جڳهه ننڍي پئجي
ويندي آهي. جيڪڏهن سڀ مسلمان 100 فيصد مسجدن جو رخ ڪن ته يقين
ڪريو! نيون مسجدون ٺاهڻ جي فوري ضرورت پئجي وڃي، پر افسوس!اڄ مسلمانن جي وڏي اڪثريت نماز
نٿي پڙهي ٭ پوءِ جيڪي ماڻهو نمازون پڙهن ٿا، انهن جو به حال ڏٺو وڃي، هن آيتِ ڪريمه ۾ "نمازون ضايع ڪرڻ" جو ڇا مطلب
آهي؟ ان جا مختلف
انداز ۽ مختلف صورتون عالمن بيان ڪيون آهن.جيڪڏهن انهن تي اسان غور ڪنداسين ته شايد نماز پڙهڻ وارن
مان به وڏي تعداد اهڙي نڪري، جيڪا هن آيت جي مطابق نماز ضايع ڪندڙن ۾ شمار ٿيندي.
جي ها! نماز بلڪل نه پڙهڻ، هيءَ نماز ضايع ڪرڻ جي هڪ صورت آهي ۽ اسان جي اڪثريت اهڙي ئي آهي. اهڙي طرح نماز جي ظاهري ۽ باطني حقن جو خيال رکي ڪري ادا نه ڪرڻ؛ اها به نماز ضايع ڪرڻ آهي. علّامه قرطبي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن معنيٰ جي تائيد ۾ هڪ حديثِ پاڪ نقل ڪئي، لکن ٿا: صحابيِ رسول حضرت حذيفه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو نماز ۾ رڪوع ۽ سجدا وغيره صحيح طرح نه پيو ادا ڪري. پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ان کان پڇيو: تون ڪيتري وقت