Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat
کان هن طرح نماز پڙهي رهيو آهين؟ ان چيو 40 سالن کان. فرمايائون: تو 40 سالن کان ڪا به نماز ناهي پڙهي! ([1])
اسان ٿورو غور ڪريون! اسان وٽ جيڪي نمازي آهن، انهن مان ڪيترا آهن جيڪي نماز جي شرطن، فرضن، واجبن وغيره جي ڄاڻ رکندا آهن ۽ انهن جي رعايت ڪندي نماز پڙهندا آهن؟ ٭ پوءِ اهي ماڻهو جيڪي نماز صحيح پڙهن ٿا، نماز جا فرضَ ۽ واجبَ پورا ڪن ٿا، انهن لاءِ به غور جو مقام آهي. عالِم سڳورا فرمائن ٿا: نماز پڙهڻ کان بعد غيبت ڪري نماز جو ثواب ضايع ڪرڻ به نماز ضايع ڪرڻ جي هڪ صورت آهي. ([2])
اللهُ اڪبر! اهي سڀئي صورتون نمازون ضايع ڪرڻ
جون آهن ۽ افسوس!
اڄ اسان جي معاشري ۾ اهي سڀ صورتون موجود آهن ۽ اسان جي زوال جي هڪ بُنيادي وجهه اها به آهي. ڪاش!اسان کي توفيق ملي ۽ اسان نمازون ضايع ڪرڻ کان بچڻ وارا بڻجي وڃون.
میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی!
میں پڑھتا رہوں سنتیں، وقْت ہی پر ہوں سارے نوافِل ادا یاالٰہی!
دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت رہوں بَاوُضو میں سدا یاالٰہی!
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
منافقن جون تورات ۾ بيان ڪيل صفتون
اي عاشقانِ رسول! هي ٻئي ڪم يعني نمازون ضايع ڪرڻ ۽ خواهشن جي پٺيان هلڻ مسلمانن جا نه بلڪ منافقن جا آهن۔ تابعي بزرگ حضرت ڪَعْبُ الْاَحْبَار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جو قسم! مون تورات ۾ منافقن جون هي صفتون پڙهيون آهن ته اهي خواهشن جي پٺيان هلڻ وارا ۽ نمازون ڇڏڻ وارا آهن۔" ([3])