Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

روزگاري، تنگدستي ۽ مفلسيءَ جو هڪ نهايت ئي زبردست وظيفو ڏنو آهي. مان پاڻ به ان تي ڪيترائي ڀيرا عمل ڪري چڪو آهيان. مون ان صاحب کي اهوئي وظيفو ٻڌايو، اهو وظيفو ڇا آهي؟ مون چيو: فجر جي نماز کان بعد سج جي طرف رخ ڪري 300 ڀيرا        بسْم اللہ ۽ 300 ڀيرا ڪو به درود شريف پڙهندا ڪيو!

 بس اهو وظيفو ٻڌڻ جي دير هئي، ان پريشان حال شخص آهستي لهجي ۾ چيو: قاري صاحب! ڪو ٻيو وظيفو ٻڌايو! مان فجر جي وقت نٿو اٿي سگهان.

لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ اندازو لڳايو! اسان جي حالت ڪيڏي نه خراب ٿي وئي آهي. وقت ابتو هلي رهيو آهي، نحوست، بي برڪتي ۽ پريشانيون صاف نظر اچي رهيون آهن، اسان پاڻ محسوس به ڪري رهيا آهيون ته وقت اسان سان گڏ ناهي، ان جي باوجود به اسان کان نماز نٿي پڙهي وڃي! حالانڪه مرد لاءِ سڀ کان وڏو وظيفو ته اهو ئي آهي ته پنج وقت جي نماز مسجد ۾ جماعت سان ادا ڪري!

عمل کا ہو جذبہ عطا یاالہٰی!                        گناہوں سے مجھ کو بچا یاالہٰی!

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت              ہو توفیق ایسی عطا یاالہٰی!

میں پڑھتا رہوں سنتیں ،وقت ہی پر                ہوں سارے نوافِل ادا یاالہٰی!

دے شوقِ تِلاوت دے ذَوقِ عبادت               رہوں  باوُضو  میں  سدا  یاالہٰی!([1])

اللہ پاڪ اسان کي پنج ئي نمازون جماعت سان پڙهڻ بلڪ اشراق ۽ چاشت، اوّابين ۽ تهجد وغيره جي نفل نمازن جي به پابندي نصيب فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم

خواہشات جي پيروي جا نقصان

پيارا اسلامي ڀائرو! معاشري کي بگاڙڻ وارن برن ماڻهن جو ٻيو عيب الله پاڪ هي ٻڌايو ته


 

 



[1]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:102۔