Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ                رب سے دلوائے گی تم کو جنت نَماز

بھائیو! گر خُدا کی رِضا چاہئے                      آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز

آؤ مسجد میں جُھک جاؤ رب کے حُضُور               تم کو دلوائے گی حق سے رِفْعَت نَماز([1])

ڪارو نانگ وات ڏنگي رهيو هو!

حضرت علامه مفتي عنايت احمد ڪاڪوروي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  لکن ٿا: هڪ ڀيرو بغداد شريف ۾ هڪ اميرزادي جو انتقال ٿي ويو. ساهه نڪرڻ کان بعد ماڻهن ان جي لاش کي چادر سان ڍڪي ڇڏيو، بعد ۾جڏهن غسل ۽ ڪفن لاءِ چادر کولي ته هڪ حيرت انگيز منظر سامهون هو، ڇا ٿا ڏسن ته هڪ ڪارو نانگ ان جي بدن تي ويڙهيل هو ۽ ان ڇوڪريءَ جي وات کي ڏنگي رهيو هو، ماڻهن نانگ کي مارڻ چاهيو، پر ڇوڪري جي والد چيو: هي نانگ اهڙو ناهي، جيڪو اسان جي مارڻ سان مري ويندو، هي نانگ الله پاڪ جو غضب معلوم ٿئي ٿو. خير! هاڻي ڇوڪريءَ جي والد نانگ کي مخاطب ٿي چيو: اي نانگ! تون الله پاڪ جي حڪم سان آيو آهين، پر اسان کي به هن جي غسل ۽ ڪفن جو حڪم آهي، تنهنڪري اسان کي مهلت ڏي ته اسان هن کي غسل ۽ ڪفن ڏئي سگهون. اهو ٻڌندي ئي نانگ ڇوڪريءَ جي لاش تان هٽي گهر جي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو. پوءِ جڏهن ان کي غسل ڏئي، ڪفن پارائي، کٽ تي ليٽايو ته نانگ وري يڪدم لاش سان چنبڙي ويو. ايستائين جو ان سان گڏ ئي قبر ۾ دفن ٿيو.  تدفين کان بعد ماڻهن ڇوڪريءَ جي والد کان پڇيو: هي ڇوڪري ڪهڙو گناهه ڪندي هئي؟ والد جواب ڏنو: هي ڪڏهن ڪڏهن نماز قضا ڪري ڇڏيندي هئي. ([2])   

بے نَمازی کی نحوست ہے بڑی                   مر کے پائے گا سزا بے حد کڑی

نماز ڇڏڻ جا چند دنياوي نقصان

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز ڇڏڻ جا اُخروي نقصان ته پنهنجي جاءِ تي آهن پر دنيا ۾ به ان جي نحوست ئي نحوست آهي. هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو انسان


 

 



[1]...وسائلِ فردوس ،صفحہ:22 ملتقطًا۔

[2]...فیضانِ نماز ،صفحہ:434۔