Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat
پيئڻ چاهيو. جيئن ئي ان پاڻي وات ۾ وڌو ڇو ته سمنڊ جو پاڻي نمڪين هو، اهو پي نه سگهيو، ان واپس سمنڊ ۾ ئي گُرڙي ڪري ڇڏي. هي ان بي نمازيءَ جي وات مان نڪتل پاڻيءَ جي نحوست آهي جنهن سبب سمنڊ ۾ ڏڪار پئجي ويو، انهيءَ ڏينهن کان مڇيون هڪ ٻئي کي کائي رهيون آهن.
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
اهڙي طرح ڪجهه ڪتابن ۾ هي عبرتناڪ واقعو به لکيل آهي ته هڪ ڀيرو الله پاڪ جي پياري نبي حضرت عيسٰي عَلَیْهِ السَّلَام جو هڪ جبل وٽان گذر ٿيو. سندن ڏٺو ته اُتي هڪ شهر آهي، الله پاڪ ان شهر کي بي شمار نعمتن سان نوازيو آهي. اتي شاندار باغ آهن، گل آهن، اتي جي رهندڙن وٽ گهڻو مال، مويشي آهي ۽ سڀ الله پاڪ جي اطاعت ۽ عبادت ڪندي خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.
انهن شهر وارن جڏهن حضرت عيسٰي عَلَیْهِ السَّلَام کي ڏٺو ته سندن جي تمام گهڻي تعظيم ڪئي ۽ نهايت احترام سان پيش آيا.
3 سال گذرڻ کان بعد حضرت عيسى عَلَیْهِ السَّلَام جو ٻيهر ان جاءِ تان گذر ٿيو ته اهي هي ڏسي حيران رهجي ويا ته هن شهر جا باغ ۽ مڪان ويران ٿي ويا آهن، نهرون ۽ چشما سڪي ويا آهن، هاڻي نه اتي گل ۽ ميوا آهن، نه جانور، نه ئي ڪو ماڻهو اتي رهندو آهي. اهڙي خوشحال شهر جي بربادي ڏسي حضرت عيسى عَلَیْهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: اي منهنجا الله! هن شهر جا ماڻهو ڪهڙي مصيبت ۾ گرفتار ٿيا؟ انهن جي باغن، چشمن ۽ عمارتن جي بربادي جو سبب ڇا ٿيو؟ انهن کي بري نظر لڳي؟ يا ڪنهن انهن مٿان جادو ڪيو؟ ڪنهن دشمن انهن کي شڪست ڏني؟ يا تنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڇڏڻ جي انهن کي سزا ملي آهي؟ حضرت عيسى عَلَیْهِ السَّلَام جي هن عرض تي حضرت جبرائيل امين عَلَیْهِ السَّلَام حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: اي الله پاڪ جا نبي عَلَیْهِ السَّلَام! هن شهر کي نه ئي بري نظر لڳي، نه ئي انهن الله پاڪ جي اطاعت ڇڏي، نه وري انهن تي جادو ڪيو ويو. هنن جي بربادي جو اصل سبب هي ٿيو جو هڪ ڏينهن هن شهر مان هڪ بي نمازيءَ