Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat
پيارا اسلامي ڀائرو! نمازون ضايع ڪري ڇڏڻ يعني نماز قضا ڪرڻ، وقت تي نه پڙهڻ تمام گهڻو نقصان ڏيندڙ آهي: ٭ پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن جي نماز ناهي، ان جو اسلام ۾ ڪو حصو ناهي۔([1])
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو ڄاڻي واڻي هڪ نماز ڇڏي ڏيندو
آهي، ان جو نالو جهنم جي ان دروازي تي لکيو ويندو آهي، جنهن مان اهو جهنم ۾ داخل
ٿيندو۔([2]) ٭ هڪ روايت ۾ فرمايو: جنهن جي نماز فوت ٿي ڄڻ ته اهو خاندان ۽ مال وڃائي ويٺو(يعني جيئن ڪنهن جو خاندان ۽ مال هلاڪ ٿي وڃڻ
جهڙي طرح ناقابلِ تلافي نقصان آهي، ائين ئي نماز ڇڏڻ به ناقابلِ تلافي نقصان آهي). ([3])روايت آهي: الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت داؤد عَلَیْهِ
السَّلَام ڏانهن وحي موڪلي:
اي داؤد! بني اسرائيل کي چئو ته جنهن هڪ نماز به
ڇڏي، مان قيامت جي ڏينهن ان تي غضب فرمائيندس۔([4])
الله! الله! اي عاشقانِ رسول! ھن نقصان تي غور ڪيو! افسوس! قيامت جو اهو دهشتناڪ ڏينهن، جڏهن سج سوا ميل تي باهه وَسائي رهيو هوندو، ٽامي جي زمين ٽهڪي رهي هوندي، گرميءَ سبب جگر وات ۾ اچي رهيو هوندو، دماغ ٽهڪي رهيو هوندو، سڀ اڳيان پٺيان جمع(گڏ) هوندا، اسان وٽ اهي عمل ڪٿي آهن جيڪي ان وقت اسان کي عذاب کان بچائي سگهن؟ ان وقت الله پاڪ جي رحمت ۽ سندس پياري محبوب صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت ئي جو ته سهارو هوندو. پر افسوس! جيڪڏهن دنيا ۾ نمازون ضايع ڪيون، الله پاڪ ان تي ناراض ٿي ويو ۽ قيامت جي ڏينهن اسان الله پاڪ جي رحمت کان محروم ٿي ان جي غضب جو شڪار ٿي وياسين ته اسان جو ڇا بڻجندو...!