Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat
فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ غَیًّاۙ(۵۹)
( پارہ:16 ، سورۀ مریم:59)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق ماڻهو آيا جن نمازون ضايع ڪيون ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا سو عنقريب اهي جهنم جي خوفناڪ وادي غَيّ سان وڃي ملندا.
هي اهي بُرا ماڻهو آهن؛ جن معاشري ۽ انسانيت جي حسن کي بگاڙي ڇڏيو. اهي ڇا ڪندا هئا؟ ٻه بُرا ڪم: (1) نمازون ضايع ڪندا هئا (2) نفساني خواهشن جي پيروي ڪندا هئا.
پوءِ اهي ماڻهو اچن ٿا جيڪي...!
مسلم شريف جي حديثِ پاڪ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: هر نبي عَلَیْهِ السَّلَام جي امت ۾ انهن جا حواري (يعني انهن تي ايمان آڻڻ وارا) هوندا آهن، جيڪي پنهنجي نبي عَلَیْهِ السَّلَام جي سنتن تي عمل ڪندا آهن، انهن جي حڪمن تي پختو يقين به رکندا آهن (عمل به ڪندا آهن، پوءِ جڏهن اهي حواري هڪ هڪ ڪري دنيا مان هليا ويندا آهن ته ) انهن کان بعد اهي ماڻهو ايندا آهن، جيڪي پاڻ کان پهريان وارن (ماڻهن) جي برخلاف هلندا آهن۔ هي اهو چوندا آهن جيڪو ڪندا ناهن ۽ اهو ڪم ڪندا آهن جن جو انهن کي حڪم ناهي ڏنو ويو. ([1])
ڄڻ ته هي هر امت جو معاملو آهي، جيستائين نبي عَلَیْهِ السَّلَام دنيا ۾ تشريف فرما رهندا آهن ۽ انهن کان بعد سندن صحابي، انهن تي ايمان آڻڻ وارا پاڪيزه ماڻهو موجود رهندا آهن، معاشرو پاڪ رهندو آهي. اهي ماڻهو پنهنجي نبي عَلَیْهِ السَّلَام جي سنتن تي عمل ڪندا آهن، الله پاڪ ۽ ان جي رسول عَلَیْهِ السَّلَام جي حڪمن تي عمل ڪندا رهندا آهن، پر جڏهن اهي ماڻهو دنيا مان هليا ويندا آهن، انهن کان بعد انهن جي برخلاف هلڻ وارا جڏهن ايندا آهن ته معاشرو بگڙي ويندو آهي، ترقي زوال ۾ تبديل ٿيڻ لڳندي آهي، معاشري جو عروج پستي ۾ بدلجي ويندو آهي ۽ هي نيڪ