Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

ماڻهن کان بعد اچڻ وارا ڪندا ڇا آهن؟

اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ

هي (1) نمازن کي ضايع ڪندا آهن ۽ (2) پنهنجي نفس جي خواهشن جي پٺيان هلندا آهن. اھڙن بُرن ۽ بدبخت ماڻھن جو انجام ڇا آهي؟ الله پاڪ فرمايو:

فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ غَیًّاۙ(۵۹) (پارہ:16 ، سورۀ مریم:59)

          ترجمو ڪنزالعرفان: سو عنقريب اهي جهنم جي خوفناڪ وادي غَيّ سان وڃي ملندا.

روايتن ۾ آهي: غَيّ جَهَنَّم ۾ هڪ وادي آهي، جنهن جي گرمي ۽ گِهرائي سڀ کان وڌيڪ آهي. ان واديءَ ۾ هڪ کوهه آهي جنهن جو نالو "هَب هَب" آهي. جڏهن جهنم جي باهه وسامڻ لڳندي ته الله پاڪ ان کوهه کي کولي ڇڏيندو آهي جنهن سان اها پهريان وانگر ڀڙڪڻ لڳندي آهي. ([1])

 اللہ! اللہ! ڪيترو دردناڪ عذاب آهي، جنهن جا هي ماڻهو حقدار ٿيا!

الله پاڪ اسان کي جهنم جي عذاب کان محفوظ فرمائي. ڪاش! بنا حساب جي جنت ۾ داخلو نصيب ٿي وڃي! اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  

مجھے سچّی توبہ کی توفیق دیدے                  پئے تاجدارِ حرم یاالہٰی!

مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے               ہو مجھ ناتوُاں پر کرم یاالہٰی!

سدا کیلئے ہو جا راضی خدایا                      ہمیشہ ہو لُطف  و کرم یاالہٰی!([2])

معاشري جي بگاڙ جا 2 بُنيادي سبب

  پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: ڪنهن به فرد ۽ فرد سان معاشري تائين: سموري بگاڙ جا 2 سبب آهن: (1) نمازون ضايع ڪرڻ ۽ (2) نفساني خواهشن جي پٺيان هلڻ.


 

 



[1]...بہارِ شریعت ،جلد:1 ،صفحہ:434 ،حصہ:3۔

[2]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:110۔