Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ    (پارہ:16 ، سورۀ مریم:59)

            ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا.

اهو به هڪ تمام وڏو عيب آهي بلڪه هيئن چيو وڃي ته عيبن جي پاڙ آهي، نمازن ۾ سستي جو هڪ سبب به اهو ئي آهي، نفساني خواهشن جي پيروي ڪرڻ.

نفساني خواهشن جي پيروي جي نقصان تي مشتمل 4 حديثون

٭ الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي  صَلَّی اللہ  تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ    فرمايو: ٽي شيون هلاڪت ۾ وجهي ڇڏينديون آهن، (1): اهو بخل جنهن جي اطاعت ڪئي وڃي. (2) اهي نفساني خواهشون جن جي پيروي ڪئي وڃي. (3)  ۽ انسان جو پنهنجو پاڻ کي چڱو سمجهڻ۔([1]) ٭ حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضورِ اڪرم، نورِ مُجسَّم  صَلَّی اللہ  تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ   فرمايو: مون کي پنهنجي امت تي ٻن ڳالهين جو تمام گهڻو خوف آهي: (1) خواهشات جي پيروي ڪرڻ. (2) ڊگهيون اميدون رکڻ۔ ڇو ته خواهشن جي پيروي ڪرڻ حق کان روڪيندو آهي ۽ ڊگهيون اميدون آخرت کي وساري ڇڏينديون آهن۔([2]) ٭ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي  صَلَّی اللہ  تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ   فرمايو: برو ماڻهو اهو آهي جنهن کي نفساني خواهشون سڌي واٽ کان ڀٽڪائي ڇڏين، برو ماڻهو اهو آهي جنهن کي سندس خواهشون ذليل ڪري ڇڏين۔([3]) ٭ ٻنهي جهانن جي مالڪ ۽ مختار، مڪي مدني سرڪار      صَلَّی اللہ  تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ   فرمايو: نفساني خواهشن کان بچندا رهو ڇو ته اهي انسان کي انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ڇڏينديون آهن۔([4])

پيارا اسلامي ڀائرو! سماجي بگاڙ جا هي ٻه اهم سبب قرآنِ پاڪ بيان ڪيا آهن: (1) نمازون ضايع ڪرڻ (2) خواهشن جي پيروي ڪرڻ. اڄ اسان کي اهو پڪو عزم ڪرڻو آهي ته اسان انهن ٻنهي برائين کان هميشه بچندا رهنداسين. الحمدُللہ! رمضان المبارڪ ۾ نمازين جي تعداد ۾ خوب اضافو ٿيندو آهي. رمضان ۾ نمازون


 

 



[1]...معجمِ اوسط ،جلد:4 ،صفحہ:213،حدیث:5754ملتقطًا۔

[2]...شُعَبُ الْاِیمان،جلد:7 ،صفحہ:370 ،حدیث:10616۔

[3]...ترمذی ،ابواب صفۃ القیامۃ و الرقائق و الورع ،صفحہ:581 ،حدیث:2448۔

[4]...کنز العمال،کتاب الاخلاق ،قسم الاقوال ،جز:3 ،جلد:2 ،صفحہ:219 ،حدیث:7828۔