Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat

وري فرمايو

وَ اذْكُرْ فِی الْكِتٰبِ مُوْسٰۤى٘-اِنَّهٗ كَانَ مُخْلَصًا وَّ كَانَ رَسُوْلًا نَّبِیًّا(۵۱) (پارہ:16 ، سورۀ مریم:51)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ڪتاب ۾ موسٰي کي ياد ڪر، بيشڪ هو چونڊيل  ٻانهو هو ۽ اهو نبي رسول هو.

 ڪجهه اڳتي هلي فرمايو:

وَ اذْكُرْ فِی الْكِتٰبِ اِسْمٰعِیْلَ٘-اِنَّهٗ كَانَ صَادِقَ الْوَعْدِ وَ كَانَ رَسُوْلًا نَّبِیًّاۚ(۵۴)   (پارہ:16 ، سورۀ مریم :54)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ڪتاب ۾ اسماعيل کي ياد ڪر بيشڪ هو واعدي جو سچو هو ۽ غيب جو خبرون ڏيڻ وارو رسول هو .

اهڙي طرح ٻين ڪيئي انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام  ۽ انهن جي اولاد جو ذڪر فرمايو ۽ انهن جا پاڪيزه اوصاف، انهن جي زندگي جي انداز، انهن جو پاڪيزه ڪردار بيان فرمايو.

ڄڻ ته هي معاشري جي حسين ترين ماڻهن جو ذڪر هو، اهي پاڪيزه ۽ بلند رتبي وارا انسان جن جو ڪردار به اعلى آهي، جن جي گفتار به اعلى آهي، جن جو ظاهر به نرالو ۽ باطن به نهايت پاڪيزه آهي. اهي خود نبي هئا يا وري نبين سڳورن عَـلَيْـهِمُ الـسَّـلاَم جي فرمانبردار اولاد هئي،  يقيناً جيستائين اهي دنيا ۾ موجود رهيا، معاشري جو رنگ ئي نرالو هو، انهن جي هوندي انسان پنهنجي ظاهر ۽ باطن جي بلندين کي ڇُهي رهيا هئا.

  پر پوءِ جڏهن هي پاڪيزه هستيون، بلند مرتبي وارا نبي ۽ انهن جون نيڪ اولادون هڪ هڪ ڪري دنيا مان پردو ڪري ويون ته معاشري ۾ بگاڙ اچڻ شروع ٿيو. انهن کان بعد اهڙا ماڻهو آيا، جن پنهنجن ابن ڏاڏن، بزرگن ۽ نيڪ ماڻهن جو رستو ڇڏي ڏنو. هي اهي ئي ماڻهو هئا جيڪي معاشري جي بگاڙ جو سبب بڻيا، اهي ڪير هئا؟ ڇا ڪندا هئا؟ الله پاڪ فرمايو: