Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
پڙھي مسلمان ٿي ويا۔(دلائل النبوۃ ج۱ ص۲۳ و زرقاني ج۴ ص ۲۵۳ بتصرف قليل)
سوبار تیرادیکھ کے عفو اور تَرَحُّم ہر باغی و سرکش کاسرآخر کو جھکا ہے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪهڙي نموني نرمي جو مُظاهرو ڪيائون جو ان جي بد تميزي سان پيش اچڻ جي باوجود پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي معافي سان نوازيائون، اهو ئي سبب هو جو تورات جو ايترو وڏو عالم به سندن ڪردار کان متاثر ٿيڻ بغير نه رهي سگھيو ۽ ڪلمو پڙھي اسلام ۾ داخل ٿي ويو، تنهنڪري پنهنجي آٓقا ۽ مولا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرتِ طيبه تي عمل ڪندي پنهنجي اندر نرمي جهڙي پياري عادت (Habit) پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ماڻهن جي غلطين جي باوجود انهن کي معاف ڪرڻ سکو، ڪو ڪيتري ئي ڪاوڙ ڏياري، اجايو بڪڻ بدران پنهنجي زَبان کي قابو ۾ رکو ته هن ۾ اسان جي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي آهي ڇوته جڏهن زَبان بي قابو ٿيندي آهي ته انسان سختي تي لهي ايندو آهي، جنهن سبب ٺهيل ٺڪيل ڪم بگڙجي ويندا آهن۔
ہے فلاح وکامرانی نرمی وآسانی میں
ہر بنا کام بگڑ جاتا ہے نادانی میں
ڈوب سکتی ہی نہیں موجوں کی طُغیانی میں
جس کی کَشتی ہو محمد کی نگہبانی میں
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نرمي جي ڪيتري قدر اهميت آهي ان جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته جڏهن الله ڪريم حضرت سَيدُنَا موسي عَلَيه الصَلٰوةُ وَالسَّلَام کي