Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
ٻنهي جي مدد ڪرين ها۔ پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حڪم ڏنو ته اي عمر!(رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه) هن کي هن جي حق جي برابر کجورون ڏي، ۽ ڪجھ وڌيڪ به ڏجان حضرت عمر رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه جڏهن حق کان وڌيڪ کجورون ڏنيون ته حضرت زيد بن سعنهرَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه چيائين ته اي عمر! رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه حق کان وڌيڪ ڇو ڏئي رهيا آهيو؟ پاڻ رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: جيئن ته مون تلخ ۽ تيز نظرن سان ڏسي توکي خوفزده ڪيو هو، ان ڪري حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تنهنجي دلجوئي ۽ دلداري جي لاءِ تنهنجي حق کان ڪجھ وڌيڪ ڏيڻ جو مون کي حڪم ڏنو آهي۔ اهو ٻڌي حضرت زيد بن سعنهرَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه چيائين ته اي عمر! ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو مان زيد بن سعنه آهيان؟ پاڻرَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه فرمايائون ته توهان اهي ئي زيد بن سعنه آهيو جيڪو تورات جو تمام وڏو عالم هو، ان چيو جي ها! اهو ٻڌي حضرت عمررَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه پڇيائين ته پوءِ تو حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان اهڙي گستاخي ڇو ڪئي؟ حضرت زيد بن سعنهرَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه جواب ڏنائين: اي عمر! رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه اصل ۾ ڳالھ اها آهي ته مون تورات ۾ نبي آخر الزمانصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون جيتريون نشانيون پڙھيون هيون، انهن سڀني کي مون سندن ذات ۾ ڏسي ورتو پر ٻن نشانين جي باري ۾ سندن امتحان وٺڻ باقي رهجي ويو هو۔ هڪ اهو ته انهن جو حِلم (Mildness) غالب رهندو ۽ جيتري قدر گھڻو انهن سان جهالت ڀريو ورتاؤ ڪيو ويندو ايتري قدر سندن حِلم وڌندو ويندو۔ پوءِ مون هن ترڪيب سان هنن ٻنهن نشانين کي به سندن ۾ ڏسي ورتو ۽ مان شهادت ڏيان ٿو ته يقيناً پاڻ نبي برحق آهن ۽ اي عمر!رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه مان تمام وڏو مالدار آهيان، مان تون کي گواھ ٺاهيان ٿو ته مون پنهنجو اڌ مال حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي امت تي صدقو ڪيان ٿو پوءِ هو بارگاھ رسالت ۾ آيا ۽ ڪلمو