Narmi Kesay Paida Karain

Book Name:Narmi Kesay Paida Karain

فرعون ڏانهن موڪليو ته جيئن ان کي اسلام جي دعوت ڏين ته الله پاڪ فرعون سان به نرمي سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو جيئن، سيپاري 16سوره طه جي آيت نمبر 44 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

فَقُوْلَا لَهٗ قَوْلًا لَّیِّنًا لَّعَلَّهٗ یَتَذَكَّرُ اَوْ یَخْشٰى(۴۴) ۱۶،طه:۴۴)

ترجمو ڪنز الايمان : پوءِ ان سان نرمي سان ڳالهائجو هن اميد تي ته اهو ڌيان ڪري يا ڪجهه ڊڄي  .

      بيان ڪيل آيت سڳوري تحت تفسير خازن ۾ آهي: يعني جڏهن توهان فرعون وٽ وڃو ته ان کي نرمي سان نصيحت ڪجو۔ بعض مفسرن جي ويجھو فرعون سان نرمي جو حڪم ان ڪري هو جو ان ننڍپڻ ۾ حضرت موسيٰعَلَيه السَّلَام جي خدمت ڪئي هئي ۽ بعض مفسرن فرمايو ته نرمي مان مراد هي آهي ته اوهان ان کان وعدو ڪريو ته جيڪڏهن هو ايمان قبول ڪندو ته سڄي عمر جوان رهندو ڪڏهن پوڙهائپ نه ايندي، مرڻ گھڙي تائين ان جي سلطنت باقي رهندي، کائڻ پيئڻ ۽ نڪاح جون لذتون مرڻ گھڙي باقي رهنديون ۽ مرڻ کان بعد جنت ۾ داخلو نصيب ٿيندو۔ جڏهن حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام فرعون سان اهو واعدو ڪيو ته ان کي اها ڳالھ گھڻي پسند آئي پر هو ڪنهن به ڪم تي هامان کان مشورو وٺڻ بغير فيصلو نه ڪندو هو ۽ ان وقت هامان موجود نه هو (ان ڪري ان ڪو فيصلو نه ڪيو) جڏهن هامان آيو ته فرعون ان کي اها خبر ڏني ۽ چيائين ته مان چاهيان ٿو ته حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام جي هدايت تي ايمان قبول ڪيان۔ اهو ٻڌي هامان چوڻ لڳو: مان توکي عقلمند ۽ دانا سمجهندو هئس (پر هي ڇا) تون رب آهين ۽ ٻانهو بڻجڻ چاهين ٿو، تون معبود آهين ۽ عابد بڻجڻ جي خواهش ڪرين ٿو؟ فرعون چيائين: تو ٺيڪ چيو (اهڙي طرح هو ايمان قبول ڪرڻ کان محروم رهيو)۔( تفسيرخازن، ۳/۲۵۴ ،طه، تحت الآيۃ: ۴۴)