Book Name:Iman ke Salamti

آهي، جيڪڏهن ان ۾ ٻيا ڪي عذاب نه هجن ته اهو ئي گھٽ آهي ڇا! پر ڪافرن جي سَرزَنِش(تنبيهه) جي لاءِ ٻيا طرح طرح جا عذاب مهيا ڪيا ويا آهن، ٭ لوھ جي اهڙن وزني گُرزن سان ملائڪ ماريندا جو جيڪڏهن ڪو گُرز زمين تي رکيو وڃي ته تمام جن و انس گڏ ٿي ان کي کڻي نه سگهن، ٭ ڪافر جان کان عاجز اچي پاڻ ۾ مشورو ڪري داروغهءِ جهنم (جهنم جي محافظ ملائڪ) مالڪ عَلَيّهِ السَّلَام کي سڏيندا: ته اي مالڪ (عَلَيّهِ السَّلَام)! تنهنجو رَبّ اسان جو قصو تمام ڪري ڇڏي، مالڪ عَلَيّهِ السَّلَام هزار (1000)سالن تائين جواب نه ڏيندو، هزار سالن کان پوءِ فرمائيندو: مون کي ڇو ٿا چئو، ان کي چئو جنهن جي نافرماني ڪئي اٿوَ! هزار سالن تائين رَبُّ العزت کي اُن جي رحمت جي نالن سان پڪاريندا، هو هزار سالن تائين جواب نه ڏيندو، ان کان پوءِ فرمائيندو ته اهو فرمائيندو: پري ٿي وڃو! جهنم ۾ پيل رهو! مون سان نه ڳالهايو!! ٭ ان وقت ڪافر هر قسم جي خير(ڀلائي) کان نا اُميد ٿي ويندا ۽ ٭ گڏھ جهڙي آواز جيان رڙيون ڪري روئندا، ٭ شروع ۾ لڙڪ وهندا، ٭ جڏهن لڙڪ ختم ٿي ويندا ته رَت روئندا، ٭ روئيندي روئيندي ڳلن ۾ کڏا پئجي ويندا، ٭ روئڻ وارو رت ۽ پونء ايتري قدر هوندو جو جيڪڏهن ان ۾ ڪشتيون وڌيون وڃن ته هلڻ لڳن (اَلْاَمَان وَ الْحَفِيظ)۔ (بہار شریعت ، حصہ :۱، ۱/ ۱۶۵تا ۱۶۹ملتقطا)

عزيزن جي روپ ۾ ايمان تي ڌاڙو

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دنيا مان ايمان کي سلامت کڻي وڃڻ جي لاءِ سخت دشوار گذار گھاٽين مان گذرڻو پوندو ۽ پوءِ به ڪا خبر ناهي ته خاتمو ڪهڙو ٿيندو! ياد رکو!!موت جي وَقت ايمان کسڻ جي لاءِ شيطان طرح طرح جا حيلا بهانا ڪندو آهي ايستائين جو ماءُ پيءُ جو رُوپ ڌاري به ايمان تي ڌاڙو هڻندو آهي ۽ ڪڏهن مرڻ واري جي سامهون سڪرات جي وقت ان جي پيارن جي صورت اپنائي ايندو آهي ۽ يهود ونصاريٰ کي دُرُست ثابِت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري مرڻ واري کي يهودي يا نصراني مذهب اختيار ڪرڻ جو چوندو آهي ته ڪڏهن ايمان کسجڻ جي ڪا ٻي چال هلندو آهي۔ يقيناً اهو اهڙو نازُڪ