Book Name:Iman ke Salamti

آهي ته ڪٿي مون سان ڪو اهڙو ڪم نه ٿئي وڃي جنهن جي سبب الله پاڪ ناراض ٿي وڃي ۽ هو فرمائي ڇڏي ته تون جيڪو چاهين ڪر پر منهنجي رحمت تون سان گڏ نه هوندي. رڳو انهيءَ ڪري مان پنهنجي جان ڳاري رهيو آهيان.  ) کیمیائے سعادت،رکن چہارم:منجیات ،فصل اسباب سوء خاتمت، ۲/ ۸۳۲ (

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جهنم جون هولناڪيون

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جنهن بد نصيب جو ڪفر تي خاتمو ٿئي، ان کي قبر جي عذاب ۾ ته گرفتار ٿيڻو آهي، ان سان گڏوگڏ هميشه هميشه جي لاءِ جهنم ۾ به وڃڻو پوندو ۽ جهنم جون هولناڪيون تمام گھڻيون سخت آهن۔ صدرُ الشَّريعه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جهنم جون هولناڪيون بيان ڪندي نقل فرمائن ٿا: ٭ حضرت جبرئيل عَلَيّهِ السَّلَام پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سان قسم کڻي عرض ڪيو: ته جيڪڏهن جهنم مان سُئي جي سوراخ برابر کوليو وڃي ته تمام زمين وارا سڀ جا سڀ ان جي گرمي سان مري وڃن ۽ ٭ قسم کڻي چيو: ته جيڪڏهن جهنم جو ڪو داروغو (يعني محافظ و نگران) دنيا وارن تي ظاهر ٿئي ته زمين تي رهندڙ سڀ جا سڀ ان جي هيبت (Horror) سان مري وڃن ۽ ٭ قسم کڻي بيان ڪيائين ته جيڪڏهن جهنمين جي زنجير جي هڪ ڪڙي دنيا جي جبلن تي رکي وڃي ته اهي ڏڪڻ لڳن ۽ انهن کي قرار نه اچي، ايستائين جو زمين جي اندر دٻجي وڃن۔ ٭ اها دنيا جي باھ (جنهن جي گرمي ۽ تيزي سان ڪير واقف ناهي جو ڪنهن موسم ۾ ته ان جي ويجھو وڃڻ ڏکيو هوندو آهي، پوءِ به اها باھ) خدا کان دعا ڪندي آهي ته ان کي جهنم ۾ ٻيهر نه آندو وڃي، پر تعجب آهي انسان تي جو جهنم ۾ وڃڻ جا ڪم ڪندو آهي ۽ ان باھ کان ناهي ڊڄندو جنهن سان باھ به ڊڄندي ۽ پناھ گھرندي آهي۔ ٭ ان (جهنّم) ۾ مختلف طبقا ۽ وَادي ۽ کوھ آهن، ڪجهه واديون اهڙيون آهن جو جهنم پڻ هر ڏينهن ستّر ڀيرا يا وڌيڪ اُن کان پناھ گھرندو آهي، اها ان مڪان جي حالت