Book Name:Iman ke Salamti

ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس. 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”ايمان جي سلامتي“ هن بيان ۾ اسان ٻڌنديون سين ته قرآن و حديث ۾ ايمان تي ثابت قدم رهڻ بابت ڪيتري قدر تاڪيد بيان ڪئي وئي آهي، هڪ مسلمان کي ايمان جي سلامتي جي لاءِ ڪيتري قدر فڪر مند رهڻ جي ضرورت آهي، اسان جا بزرگ سڳورا ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪيڏو فڪرمند رهندا هئا، انهن کي ايمان جي برباد ٿيڻ جو ڪيترو خوف لاحق رهندو هو، سلبِ ايمان بابت فڪر مند رهڻ ڪيترو ضروري آهي، آخرت ۾ نجات ماڻڻ جي لاءِ ڪهڙيون تدبيرون اختيار ڪيون وڃن، ان جي علاوه ڪجهه اهڙن معاملن بابت به ٻڌنديون سين جيڪي ايمان جي بربادي جو سبب بڻجي سگهن ٿا وغيره وغيره۔ اچو سڀ کان پهريان