Book Name:Iman ke Salamti

بدلجندڙ زماني انهن تي ڪو اثر نه ڪيو، انهن جي حق ۾ ڄڻ ته وقت رڪجي ويو، 309 سالن کان پوءِ جڏهن اهي بيدار ٿيا ته انهيءَ طرح جوان، تروتازه ۽ زندگي سان ڀرپور هئا ۽ هيئن الله پاڪ انهن کي پنهنجي عجيب نشاني قرار ڏنو۔

 هن واقعي مان ڇا سکڻ جي لاءِ مليو؟

    مفسرِ قرآن، حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اصحابِ ڪهف جي واقعي جي باري ۾ لکن ٿا: هن واقعي مان ٻه مسئله معلوم ٿيا:

    هڪ هي ته ڪرامتِ اولياء حق آهي، اصحابِ ڪهف بني اسرائيل جا اولياء آهن، انهن جو بنا کائڻ پيئڻ جي ايتري مدت تائين زنده رهڻ ڪرامت آهي.

     ٻيو هي معلوم ٿيو ته ولي جي ڪرامت سمهندي به ظاهر ٿئي سگهي ٿي، ۽ موت کان پوءِ به ظاهر ٿئي سگهي ٿي.

هنن اوليائن جي جسم کي مٽي جو نه کائڻ هي به ڪرامتِ اولياء آهي. (نور العرفان، ص۴۶۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪا ضمانت ناهي…

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ جو ڪروڙين احسان جو ان اسان کي پنهنجي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمت ۾ پيدا ڪيو ۽ اسلام جي دولت سان سرفراز فرمايو، هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها اسان جي تمام وڏي سعادت مندي آهي جو اسان مسلمان آهيون پر گڏوگڏ اها پڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي ته اسان مان ڪنهن وٽ هن ڳالھ جي ڪا ضمانت (Surety) ناهي ته اها مرڻ گھڙي تائين مسلمان ئي رهندي، جهڙي طرح بي شمار ڪافر خوش قسمتي سان مسلمان ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح ڪيئي بدنصيب مسلمانن جو مَعَاذَ الله اسلام کان ڦري وڃڻ به ثابت آهي، جيئن