Book Name:Iman ke Salamti

پارائيندوـ([1]) لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي (اَيضاً ص۱ ۴) ٭پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين ساڄي آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾٭اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو ٭ مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي ٭ ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو.

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَآءَ الله!ايندڙ هفتيوار اِجتماع جي بيان جو موضوع هوندو بي مثال عورتون۔ تاريخِ اسلام ۾ بي مثال عورتن جو ذڪر ملي ٿو، انهن ۾ صحابيات ۽ ٻيون صالحات(نيڪ عورتون) به گذريون آهن، ايندڙ هفيوار جي بيان ۾ انهن بي مثال عورتن جي سيرت و ڪردار جا مختلف پهلو ۽ واقعا بيان ڪيا ويندا. هن ضمن ۾ حلال ڪمائڻ، کارائڻ ۽ حرام کان بچڻ جا فضائل به بيان ڪيا ويندا. اِهو به بيان ڪيو ويندو ته دين تي عمل جا ڪهڙا فائدا آهن ۽ اصل ڪاميابي ڇا آهي. لهٰذا! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي چئو: ! اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد



[1] ابوداود،کتاب الادب،باب من کظم غیظا، ۴/۳۲۶ ،حدیث: ۴۷۷۸