Book Name:Iman ke Salamti

(Mountains) جي برابر گناهن ساڻ الله پاڪ کان ملاقات ڪيان۔ (احیاء العلوم، کتاب الخوف والرجاء، بیان فضیلۃ الخوف الخ،۴/۲۱۱)

مسلماں ہے عطار تیری عطا سے                           ہو ایمان پر خاتمہ یا الٰہی

(وسائلِ بخشش مرمم، ص۱۰۵)

حفاظَتِ ايمان جي دعا ڏيو

          حضرتِ سيدُنا ابن ابو جميله رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا ته هڪ شخص حضرتِ سيدُنا رجاء رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي اَلوداع ڪندي چيائين: اي ابومِقدام! الله پاڪ اوهان جي حفاظت فرمائي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايو: اي ڀائٽيا! جان جي حفاظت جي نه بلڪ ايمان جي حفاظت جي دعا ڏيو۔ (حلیۃ الاولیاء، رجاء بن حیوۃ، ۵/۱۹۶، رقم:۶۸۰۹)

ايمان جي حفاظت جي لاءِ ماڻهن کان عليحدگي

          قوتُ القلوب ۾ آهي: هڪ شخص سڀني کان الڳ رهندو هو۔ حضرت سيدُنا ابودَرداء رَضِىَ الله عَنْه ان وٽ تشريف کڻي آيا، جڏهن ان جو سبب پڇيو ته ان چيو: منهنجي دل ۾ اهو خوف ويهي ويو آهي ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو منهنجو ايمان کسجي وڃي ۽ مون کي ان جي خبر تائين نه پوي۔ (قوت القلوب، الفصل الثانی الثلاثون، شرح مقامات الیقینالخ، ۱/۳۸۸ملخصا)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  حضور سيدي غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ولين جا سردار آهن، پر سندن عيد جي ڏينهن شعر پڙهيا جن جو ترجمو هي آهي: ماڻهو چئي رهيا آهن ته سڀاڻي عيد آهي! سڀاڻي عيد آهي! ۽ سڀئي ماڻهو خوش آهن. پر مان ته جنهن ڏينهن هن دنيا مان پنهنجو ايمان سلامت کڻي ويندس، منهنجي لاءِ ته اهو ئي ڏينهن عيد جو هوندو. ( صراط الجنان، ۱/)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته اولياء الله کي هن ڳالھ جو خوف هوندو هو ته ڪٿي اسان کان اسان جو ايمان نه کسجي وڃي، ٭ اولياء الله ڪثرتِ عبادت جي باوجود الله پاڪ جي ناراضي وارن ڪمن ۽ ڳالهين کان