Book Name:Iman ke Salamti

بيعت ڪري سگهي ٿي،

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ،  کتاب الایمان، باب الاعتصام  الخ ، ۱/ ۵۵،حدیث: ۱۷۵)

لباس پائڻ جون سنتون ۽ آداب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو  شيخِ طريقت، اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل ‘‘ مان لباس پائڻ جو سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون۔ پهريان ٻه فرمان مصطفي ٻڌون ٿيون، فرمانِ مصطَفٰي صَلَّی اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي ته جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسْمِ الله چوي. ([1]) مُفسّر شهير، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردا ماڻهن جي نگاھ جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجندا آهن ائين ئي هي الله پاڪ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو ته جيئن جنّ ان(يعني شرمگاھ) کي ڏسي نه سگھن. ([2]) ٭جيڪو ڪپڙو پائي ۽ هي  پڙهي: اَلْحَمْدُلِلہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ھٰذَا وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِحَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا. ([3]) جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏئي الله پاڪ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس)


 

 



[1] معجم اوسط، ۲/۵۹،حدیث: ۲۵۰۴

[2] مرآۃ المناجیح، ۱/۲۶۸

[3] شعب الایمان،باب الملابس والاوانی، ۵/۱۸۱،حدیث:۶۲۸۵