Book Name:Iman ke Salamti

جنهن کي ايمان جي بربادي جو خوف نه هوندو

بهر حال اسان کي هر گھڙي الله پاڪ جي دربارِ ڪرم سان ايمان جي حفاظت جي خيرات گهرندي رهڻ گھرجي۔ تشويش ۽ سخت تشويش جي ڳالھ اها آهي ته جهڙي طرح دُنيوي دولت جي حفاظت جي مُعامَلي ۾ غفلت مالي نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿي اهڙي طرح بلڪ ان کان به گھڻو سخت مُعامَلو ايمان جو آهي، ڇوته ايمان جي حفاظت کان بي فڪري ۽ ايمان کسجڻ کان بي خوفي سراسر نقصان ده آهي۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا: جنهن کي ايمان جي کسجي وڃڻ جو خوف نه هجي مرڻ وقت اُن جو ايمان کسجي وڃڻ جو انديشو آهي۔( ملفوظات اعلی حضرت،ص۴۹۵)

معلوم ٿيو ته ايمان جي حفاظت کان غفلت سراسر نقصان ده آهي، تنهنڪري اسان کي هر گھڙي الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندي ان کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکڻ گھرجن۔ اچو الله پاڪ جي خُفيه تدبير جي باري ۾ هڪ رقّت انگيز واقعو ٻڌون ٿيون:

هر وقت خاتمو بالخير جي دُعا جو سبب

حضرت عبدُ الله مؤذن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته: آئون ڪعبي جو طواف ڪري رهيو هُيس ته هڪ شخص تي نظر پئي جيڪو ڪعبي جي غلاف سان چنبڙي هڪ ئي دعا هر هر ورجائي رهيو هو. يا الله مون کي دنيا مان مسلمان ئي رخصت ڪجان. مون هُن کان پڇيو؛ هن دعا کان علاوه ڪا ٻي دُعا ڇو نٿو گهرين؟ هُن چيو؛ منهنجا ٻه ڀائر هئا، وڏو ڀاءُ هڪ عرصي تائين مسجد ۾ بنا معاوضي جي اذان ڏيندو رهيو جڏهن اُن جي موت جو وقت آيو ته هن قرآن پاڪ گُهريو، اسان ان کي ڏنو ته جيئن قرآن پاڪ مان برڪتون حاصل ڪري، پر قرآن شريف هٿ ۾ وٺي ڪري هُو چوڻ لڳو؛ توهان سڀئي گواھ ٿي وڃو ته آئون قرآن جي سڀني اعتقادن ۽ احڪامن کان بيزار آهيان ۽ نصراني (يعني عيسائي) مذهب اختيار ڪريان ٿو. پوءِ هُو مري ويو. اُنهي کان پوءِ ٻئي ڀاءُ 30 سالن تائين