Book Name:Iman ke Salamti

انسان اسلام مان نڪري وڃي يا گمراهه ٿي وڃي. انهن جي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ڇپيل هنن ڪتابن جو مطالعو تمام گهڻو فائدو ڏيندو. (1) ڪتاب العقائد (2) بنيادي عقائد ۽ معمولاتِ اهلِ سنت. (3) بهارشريعت جي پهرين جلد جو پهريون حصو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

ايمان کسڻ لاءِ ڦر مار

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ايمان جي سلامتي ۽ حفاظت جي اهميت جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيون سين، اي ڪاش! اسان کي ايمان جي حفاظت جي لاءِ بزرگانِ دين جهڙي سوچ ۽ تڙپ نصيب ٿي وڃي، الله جا نيڪ ٻانها ايمان کسجڻ جي خوف سبب ڪيتري قدر ڏڪندا رهندا هئا، اچو ان باري ۾ ڪجھ واقعا ٻڌون ٿيون: جيئن

  ايمان جي کسجڻ جي فڪر ۾ سڄي رات گرِيه وزاري

حضرت سيدُنا يوسُف بن اَسباط رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان هڪ ڀيري حضرتِ سيدُنا سُفيان ثَوري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه وٽ حاضِر ٿيس، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي رات روئيندا رهيا۔ مون پڇا ڪئي: ڇا توهان گُناهن جي خوف سبب روئي رهيا آهيو؟ ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ ڪک کنيو ۽ فرمايائون: گُناھ ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هن ڪک کان به گھٽ حَيثيت رکن ٿا، مون کي ته هن ڳالھ جو خَوف آهي ته ڪٿي ايمان جي دولت نه کسجي وڃي۔ (منہاج العابدین، الباب الخامس: العقبۃ الخامسۃ، الاصل الثالث فی ذکر ماوعد الخ، ص۱۶۹)

مون کي بس ايمان تي خاتمي جو فڪر آهي

  حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه انهيءَ باري ۾ نقل فرمائن ٿا: حضرت سُفيان ثَوري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه وفات مهل روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳا۔ ماڻهن دِلاسو ڏيندي عرض ڪيو: يا سيدي! گھٻرايو نه، الله پاڪ جي رَحمت تي نظر رکو۔ فرمايائون: بُري خاتِمي جو خوف روُئاري رهيو آهي. جيڪڏهن ايمان تي خاتِمي جي ضَمانت ملي وڃي ته پوءِ مون کي هن ڳالھ جي پرواهه ناهي توڙي جو جبل