Book Name:Iman ke Salamti

الله پاڪ جي انهن نيڪ ٻانهن جو قرآني واقعو ٻڌون ٿيون، جن پنهنجو ايمان بچائڻ جي لاءِ هڪ غار ۾ پناھ ورتي هئي:

اَصحابِ ڪهف جو واقعو

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڪافي عرصو پهريان (عربي سمنڊ جي ڪناري مُلڪ روم جي) زمين تي ’’اُفسُوس‘‘ نالي شهر (City) آباد هو، اهو شهر بادشاھ ”دَقيانوس“ جي سلطنت ۾ ايندو هو۔ دقيانوس پاڻ به غير خدا جي پوڄا ڪندو هو ۽ ماڻهن کي به ان تي مجبور ڪندو هو، جيڪو انڪار ڪندو هو ته ان تي ظلم ڪندو هو ۽ عبرت ناڪ سزا ڏيندو هو۔ ايمان وارا ان جي ظلم کان بچڻ جي لاءِ لڪي ويندا هئا ۽ پنهنجو ايمان بچائيندا هئا۔ ايمان وارن جي هڪ معزّز ٽولي کي اهو خدشو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن دقيانوس انهن تائين پهچي ويندو ۽ انهن کي غير خدا جي پوڄا تي مجبور ڪندو، ان خطري جي ڪري انهن هي شهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اتان نڪرڻ لڳا، واٽ ۾ انهن جي ملاقات هڪ ٻڪرار سان ٿي جيڪو پنهنجو ايمان بچائڻ جي لاءِ شهر کان ٻاهر وڃي رهيو هو، ان سان گڏ هڪ ڪتو به هو، اهو ٻڪرار ۽ ڪتو به انهن سان گڏ هلڻ لڳو، رستي ۾ موجود هڪ غار کي انهن پنهنجو ٺڪاڻو بڻائي ورتو ۽ اتي آرام ڪرڻ جي خاطر سمهي پيا، غار ۾ سمهڻ کان پوءِ انهن سان ڪيئي عجيب و غريب واقعا ٿيا: (1) اهي ماڻهو غار ۾ ٽي سو نوَ  سالن تائين ستل رهيا۔ ٽي سو نو سال کان پوءِ جڏهن الله پاڪ جي حڪم سان هي بيدار ٿيا ته نه صرف انهن جو جسم سلامت هو، بلڪ انهن جا ڪپڙا، پيسا ايستائين جو انهن جو ڪتو به سلامت هو۔ (2) اهي غار ۾ ستل هئا پر هن طرح جو ڪو انهن کي ڏسندو هو ته بيدار گمان ڪندو هو۔ (3) الله پاڪ جي حڪم سان سج نڪرڻ مهل غار کان ساڄي پاسي ٿي ويندو هو ۽ لهڻ مهل کاٻي پاسي ٿي ويندو هو، اهڙي طرح اهي نيڪ ماڻهو غار جي کليل حصي ۾ ليٽڻ جي باوجود سج جي شعاعن کان محفوظ رهيا۔

            دقيانوس کي جڏهن اها خبر پهتي ته ڪجھ ماڻهن غير خدا جي پوڄا کان