Book Name:Iman ke Salamti

مسجد ۾ فِي سبيل الله اذان ڏني پر هن به آخري وقت نصراني هئڻ جو اعتراف ڪيو ۽ مري ويو. تنهنڪري آئون پنهنجي خاتمي جي باري ۾ تمام گھڻو فڪرمند آهيان ۽ هر وقت خاتمو بالخير جي دعا گهرندو رهان ٿو.

بري خاتمي جا چار سبب

   شرح الصدور ۾ آهي، ڪجهه عالِمَ سڳورا فرمائن ٿا: بري خاتمي جا چار سبب آهن. (1) نماز ۾ سستي (2) شراب نوشي (3) والدين جي نافرماني (4) مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ.  (شرحُ الصُّدور ص ۲۷)

اميراهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: بري صحبت ايمان جي لاءِ تمام خطرناڪ آهي پر افسوس! اسان برين سهيلين کان پاسو نٿيون ڪيون، ڪچهرين جي مجلسن کان پاڻ کي نٿيون بچايون، مذاق مشڪرين، کان جان نٿيون ڇڏايون. افسوس بري صحبت جي نحوست اهڙي ڇانيل آهي جو ٿوري لمحي جي لاءِ به اڪيلائيءَ ۾ يادِ الاهي ڪرڻ جي دل نٿي چاهي، ايمان جي حفاظت جي توڙي جو چاهت آهي پر هن جي لاءِ بريون سهيليون ڇڏڻ بلڪ ڪنهن به قرباني ڏيڻ جي همت ناهي. ياد رکو! بري سهيلي ايمان جي لاءِ نقصان جو باعث ٿي سگهي ٿي. اسان جي پياري پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي: انسان پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي ان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته ڪنهن سان دوستي ڪري ٿو. )مسند امام احمد ، مسند ابی ہریرۃ، ۳/۱۶۸، حدیث :۸۰۳۴ (

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايمان ۽ ڪفر جي تعلق سان ضروري معلومات

ياد رهي ته! ايمان ۽ ڪفر جي ضروري معلومات جو حاصل ڪرڻ بلڪ ان سڀني اسلامي عقائدن جو ڄاڻڻ ضروري آهي جو جن جي ذريعي انسان سچو پڪو مسلمان بڻجي يعني اهڙن عقيدن جو ڄاڻڻ جن جو انڪار ڪرڻ سان