Book Name:Iman ke Salamti

موقعو هوندو آهي ته بس جنهن تي الله پاڪ جو خاص ڪرم ۽ اِحسان هجي اهو ئي ڪامياب و ڪامران ٿيندو آهي ۽ ان جو ايمان سلامت رهندو آهي۔ جيئن ته

          اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسنّت، مولانا شاھ امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فتاوٰي رضويه جلد 9 صَفحي 83 تي فرمائن ٿا: دمِ نَزع (يعني سڪرات جي وقت) ٻه شيطان، انسان جي ٻنهي پاسن کان اچي ويهندا آهن هڪ ان جي پيءُ جي شڪل ۾، ٻيو ماءُ جي۔ هڪ چوندو آهي: اهو شخص يهودي ٿي مُئو تُون (به) يهودي ٿي وڃ ڇوته يهودي اتي وڏي سُک ۾ آهن۔ ٻيو چوندو آهي: اهو شخص نصراني (ٿي دنيا مان) ويو تُون به نصراني ٿي وڃ ڇوته نصراني اتي وڏي آرام سان آهن۔( فتاوی رضویہ، ۹/۸۳)

ايمان تي موت اچي ته اڄ ۽ هينئر ئي اچي!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! واقعي دُنيا مان ايمان سلامت کڻي وڃڻ وارو معاملو انتهائي تشويشناڪ آهي، ڪاش! اسان سڀني کي ايمان جي حفاظت جي جذبي تي استِقامت ملي وڃي۔ ڪاش! عافيت سان ايمان تي موت جي تڙپ کي دنيا ۾ آسان زندَگي گذارڻ جي ارمان تي سبقت حاصِل ٿي وڃي۔

حضرت سيدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کان منقول هڪ بُزُرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ارشاد جو خُلاصو آهي: جيڪڏهن ايمان تي موت منهنجي پنهنجي خاص ڪمري جي دروازي تي ملي رهيو هجي ۽ شهادت عمارت جي مين گيٽ تي منتظر هجي ته شهادت توڙي جو اعليٰ دَرَجي جي سَعادت آهي پر مان ڪمري جي دروازي تي ملندڙ ايمان تي موت کي يڪدم قبول ڪندس ته ڪهڙي خبر عمارت جي مين گيٽ تائين پهچندي پهچندي منهنجي دل بدلجي وڃي ۽ مان ايمان تي ملندڙ موت جي شَرَف کان ئي محروم ٿي وڃان!! ( احیاء العلوم، کتاب الخوف والرجاء، بیان فضیلۃ الخوف الخ،۴/۲۱۱)