Book Name:Iman ke Salamti

حضوراڪرم .صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالْخَوَاتِیْمِ يعني عملن جو دارومدار خاتمي تي آهي. (بخاری ، کتاب القدر ، باب العمل بالخواتم، ۴/۲۷۴،حدیث ۶۶۰۷)

الله پاڪ اسان کي ايمان جي سلامتي سان اٿاري. اٰمِــيْن بِـجَـاهِ الـنَّـبِـیِّ الْاَمِــيْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

    ايمان جي حفاظت جي لاءِ برين سهيلين جي صحبت کان دور رهو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ نيڪ اسلامي ڀينرن سان پنهنجو تعلق مضبوط ڪيو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ علمِ دين سکو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ گناهن کان دور رهو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ نيڪين تي استقامت حاصل ڪيو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪامل ايمان وارن جي سيرت جو مطالعو ڪيو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ فضول ڳالهائڻ کان پرهيز ڪيو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ دين جي معاملي ۾ محتاط رهو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ هر ان ڪم کان بچو جنهن ۾ الله ۽ رسول جي ناراضي هجي.  

رب جي ناراضي وارو ڪم نه ٿئي وڃي.

حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيو ويو: اوهان جو ڪهڙو حال آهي؟ فرمايائون: جنهن شخص جي ٻيڙي درياء جي وچ ۾ وڃي ٽٽي پئي، ان جا تختا جدا ٿي وڃن ۽ هر شخص لوڏا کائيندي تختن تي نظر اچي ته ان جو ڪهڙو حال هوندو؟ عرض ڪيو ويو: تمام گهڻو پريشاني وارو. فرمايائون: منهنجو به اهو حال آهي.

    هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ايتري قدر اداس ٿيا جو ڪيئي سالن تائين نه کليا. ماڻهن سندن کي ائين ڏسندا هئا ڄڻ ڪو اڪيلائي واري قيد ۾ آهي ۽ ان کي موت جي سزا ٻڌائي وڃڻ واري آهي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان بي چينيءَ ۽ پريشاني جو سبب پچيو ويو ته اوهان ايتري عبادت ۽ رياضت ۽ مجاهدن جي باوجود فڪر مند ڇو رهندا آهيو؟ فرمايائون: مون کي هر وقت اهو خوف رهندو