Book Name:Iman ke Salamti

قيامت جي گھٻراهٽ کان بچڻ جي لاءِ اکيون آليون ڪريون، ٭ميزانِ عمل تي نيڪين جو پڙ وزن دار ٿي وڃي ان لاءِ ٻاڏايون، ٭ بلڪ بي حساب بخشجڻ جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ روئي روئي اکيون سُڄايون، ٭ پنهنجي خطائن تي ڳوڙها ڳاڙي گناهن جي معافي ۽ سچي توبه جي خيرات طلب ڪريون۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو هاڻي ڪي اهڙا ڪم ٻڌون ٿيون جن سان ايمان جي حفاظت ٿئي سگهي.

هڪ اهو ته ايمان جي تحفظ لاءِ خوب دعائون ڪيون وڃن. ٻيو اهو ته گناهن کان بچيو وڃي ڇوته گناھ ڪفر جا قاصد هوندا آهن. ٽيون اهو ته خوب نيڪيون ڪيون وڃن جو نيڪ ڪمن سان ايمان کي تقويت ملندي آهي.

ڇوٿون اهو ته ايمان جي حفاظت جي اوراد و وظائف کي به پنهنجي معمولات ۾ شامل ڪيو وڃي.  الحمدلله شجره قادريہ رضويه عطاريه ۾ ايمان جي سلامتي جا مختلف اوراد موجود آهن، هنن کي پڙهڻ ۾ پابندي ڪئي وڃي ته الله پاڪ جي رحمت سان دنيا ۽ آخرت ۾ ان جون برڪتون حاصل ٿينديون. ان شاءالله

هڪ ڪم اِهو  به ڪيو ته ڪنهن جامع شرائط پير سان بيعت ٿي وڃو. هن سان به ايمان جي حفاظت ٿيندي آهي. سرڪارِ  غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه  جي دامن سان وابستہ ٿيڻ وارن مريدن جي ته ڇا ڳالھ ڪجي. شيخ ابو سَعُود عبدالله رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه بيان ڪن ٿا. شيخ عبدالقادر جيلانيرَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه  پنهنجي مريدن لاءِ قيامت تائين هن ڳالھ جا ضامن آهن ته انهن مان ڪوبه بنا توبهه ڪرڻ جي نه مرندو. (بہجۃالاسرار،ذکرفضل اصحابہ وبشراھم، ص۱۹۱)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جي ذريعي غوثِ پاڪ جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿئي سگهجي ٿو يعني قادري سلسلي ۾ بيعت ڪري سگهجي ٿي، مثال طور هفته وار مدني مذاڪري ۾ مدني چينل تي جڏهن اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ براهِ راست بيعت ڪرائي رهيا هجن، ان وقت