Iman ke Salamti

Book Name:Iman ke Salamti

بچڻ جي لاءِ غار کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻايو آهي ته ان حڪم ڏنو ته غار تي هڪ ديوار بڻائي وڃي ته جيئن اهي ڪڏهن به غار مان نڪري نه سگھن ۽ ان ۾ تڙپي تڙپي پساھ پورا ڪن۔ دقيانوس جنهن کي ديوار تعمير ڪرڻ جي ذمه داري حوالي ڪئي هئي اهو نيڪ انسان هو، هو ان فيصلي کي بدلائي ته نه پئي سگهيو، تنهنڪري ان غار کي پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهڻ وارن جا نالا ۽ ڪجھ تفصيل هڪ تختي تي لکي ان کي صندوق (Box) ۾ رکرائي ڇڏيو ۽ ان صندوق کي ديوار جي بنياد ۾ محفوظ ڪرائي ڇڏيو۔ پوءِ اهي اصحابِ ڪهف ٽي سو نو (309) سالن کان پوءِ هڪ مومنِ صالح بادشاھ بيدروس جي دورِ حڪومت ۾ الله پاڪ جي حڪم سان بيدار ٿيا۔ ( تفسیر خازن،پ ۱۵، الکھف، تحت الآیۃ:۱۸، ۳/ ۱۹۸ تا ۲۰۳ ملخصا)

اصحاب ڪهف يعني غار وارن جو واقعو قرآنِ ڪريم جي سيپاري 15 سورة الڪهف جي آيت نمبر 9 ۾ ڪجهه هيئن آهي:

اَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَ الرَّقِیْمِۙ-كَانُوْا مِنْ اٰیٰتِنَا عَجَبًا(۹) (پ۱۵، الڪهف:۹)    

ترجموڪنزالايمان: ڇا توکي خبر آهي غار ۽ جھنگ جي ڪناري وارا اسان جي هڪ عجيب نشاني هئا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته اصحابِ ڪهف کي پنهنجي ايمان جي حفاظت جو ڪيتري قدر فڪر هو جو انهن دقيانوس بادشاھ جي طرفان ڏنل غيرِ خدا جي پوڄا جي دعوت ٺڪرائي ۽ ان جي ظلم ۽ جبر کان بچڻ ۽ ايمان تي ثابت قدم رهڻ جي لاءِ غار ۾ هليا ويا، اهو ئي سبب آهي جو الله پاڪ جو انهن تي ڪرم ٿيو، رحمتِ الٰهي انهن ڏانهن متوجھ ٿي، ٽن صدين کان وڌيڪ عرصي تائين اهي الله پاڪ جي حفظ و امان ۾ رهيا،