Book Name:Iman ke Salamti

دُعائون گھرنديون رهون، ٭ ايمان جي حفاظت ۽ مضبوطي جي لاءِ علمِ دين، خاص ڪري ايمانيات و ڪفريات جو ضروري علم سکون، ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ زبان کي قينچي جيان تيز ۽ بازاري انداز ۾ هلائڻ بدران ان کي ذڪر و دُرود ۽ صرف ضروري ڳالهين جي لاءِ استعمال ڪريون ٭ ايمان کي ڪفر جي تمام خطرات کان بچايون ٭ پنهنجي پاڻ کي ايمان ضائع ڪرڻ وارن سمورن ڪمن کان بچايون، ٭ آخري پساھ تائين ايمان تي استقامت جي لاءِ نماز، روزا ۽ شريعت جي پابندي ڪريون ٭ ايمان تي استقامت جي لاءِ الله پاڪ ۽ ان جي پياري جي رضا وارا ڪم ڪنديون رهون، ٭ ايمان تي استقامت جي لاءِ الله پاڪ ۽ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي ناراضي ۽ نافرماني کان هر گھڙي بچنديون رهون۔

الله پاڪ قرآن ڪريم ارشاد فرمائي ٿو:  

 یٰۤاَیُّهَا  الَّذِیْنَ  اٰمَنُوا  اتَّقُوا  اللّٰهَ  حَقَّ  تُقٰتِهٖ  وَ  لَا  تَمُوْتُنَّ  اِلَّا  وَ  اَنْتُمْ  مُّسْلِمُوْنَ(۱۰۲)   (پ۴،آل عمران:۱۰۲)                                                    ترجمو ڪنزالايمان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ اوهان مسلمان ٿي ئي مرو.هن آيتِ مبارڪه جي تحت تفسير نورالعرفان ۾ آهي: هن مان معلوم ٿيو ته اسلام تي خاتمي ٿيڻ جو اعتبار آهي. جيڪڏهن سڄي عمر مومن رهي مرندي وقت ڪافر ٿي وڃي ته اهو اصلي ڪافر وانگر آهي.

انهيءَ مفهوم جي هڪ ٻئي آيت مبارڪه جي تحت مفتي صاحب لکن ٿا ته معلوم ٿيو ته مسلمان ٿيڻ ڪمال ناهي بلڪ مسلمان مرڻ ڪمال آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي ايمان تي موت نصيب فرمائي. (پ۱،البقرۃ،تحت الایۃ:۱۳۲)