Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

۾ قربان ڪندا هئا جڏهن ته اسان جو حال اهو آهي جو راههِ خدا ۾ پهريان ته ڏيون نٿيون، ۽ جيڪڏهن ڏيون به ته خوب غور و فڪر ڪري گھٽ ۾گھٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪريون ٿيون۔ اي ڪاش! اسان ۾ به عمل جو جذبو پيدا ٿي وڃي۔ اي ڪاش! اسان جو جيئڻ مرڻ به الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ٿي وڃي۔ ياد رکو! جيڪڏهن اسان جي آسپاس جو ماحول سازگار هجي ته مشڪل کان مشڪل ڪم به ٿي سگھن ٿا۔ لهٰذا چڱي ماحول جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ هر دم هن ماحول سان جڙيل رهو۔

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيون سين، هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه الله پاڪ ۽ ان جي رسول عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ دينِ اسلام جي خدمت کي پنهنجو مقصدِ حيات بڻائي رکيو هو۔ اهو ئي سبب آهي جو اڄ جيڪڏهن سندن خدمت تي نگاھ وڌي وڃي ته عقل حيران ٿيندو۔ * سڀ کان پهريان ڪلمو پڙھندڙ حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ * مردن ۾ سڀ کان پهريان صحابي جي منصب سان مشرف حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔  * سڀ کان پهريان مومن جو اعزاز ماڻيندڙ حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ *  سڀ کان پهريان ڪعبه شريف ۾ خطبو ڏيندڙ حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ * قبولِ اسلام کان پهريان ۽ بعد هميشه شراب کان پري رهندڙ حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔* پنهنجي ذاتي مال مان چاليھ هزار دينار پياري آقا جي قدمن تي نڇاور ڪندڙ حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔* حضرت بلال کي آزاد ڪرائيندڙ حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔  * پنهنجي گھر جو سمورو مال راھ خدا ۾ قربان ڪندڙ حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔* پياري آقا کي پنهنجي ڪلهن تي ويهاريندڙ حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ * غار ۾ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون آقا ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام سان گڏ رهندڙ حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ *پنهنجي ڪپڙن کي ڦاڙي غار جي سوراخن کي بند ڪندڙ حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ *غار ۾ آقا ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام کي پنهنجي هنج ۾ سمهارڻ وارا حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔  * نانگ جي ڏنگڻ جي تڪليف کي برداشت ڪري به آقا ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام کي نه