Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

جاڳائڻ وارا حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ * جن جي کڙي تي آقا ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجو لعاب مبارڪ لڳايو اهي حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ * هجرت جي موقعي تي آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ڪرڻ وارا حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔* قرآنِ پاڪ ۾ جن کي ثَانِي اثْنَين جو لقب ڏنو ويو اهي حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔* قرآن ڪريم جن جي صحابي هئڻ جو اعلان فرمايو آهي اهي حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ هر مشڪل ۽ مصيبت ۾ آقا ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام جو ساٿ ڏيڻ وارا حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ *سفر هجي يا حضر هجي، غار هجي يا مزار هجي هر هڪ هنڌ آقا ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام سان گڏ رهڻ وارا حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ * جن جي خدمتن ۽ احسانن جو تذڪرو خود آقا ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو آهي اهي حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔* آقا ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام جي زندگي ۾ جن ڪيئي ڀيرا امامت جو شرف حاصل ڪيو آهي اهي حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ *منڪرينِ زڪوٰة جو خاتمو فرمائڻ وارا حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ *  

امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ”وسائلِ بخشش“ ۾ ڪيتري عشق ڀري انداز ۾ شانِ صديقي بيان ڪري رهيا آهن:

یقیناً منبعِ خوفِ خدا صدّیقِ اکبر ہیں                         حقیقی عاشقِ خیرُالورٰی صدیقِ اکبر ہیں

بلاشک پیکرِ صبر و رضا صدیقِ اکبر ہیں                  یقیناً مخزنِ صدق و وفا صدیقِ اکبر ہیں

جو یارِ غارِ محبوبِ خدا صدیقِ اکبر ہیں                       وہی یارِ مزارِ مصطفےٰ صدیقِ اکبر ہیں

عمر سے بھی وہ افضل ہیں وہ عثماں سے بھی ہیں اعلیٰ         یقیناً پیشوائے مرتضیٰ صدیقِ اکبر ہیں

نہ ڈر عطار آفت سے خدا کی خاص رحمت سے      نبی والے ترے مشکلکشا صدیقِ اکبر ہیں

(وسائل بخشش مرمم ، ص۵۶۵-۵۶۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! هاڻي حضرت سيدنا ابوبڪر صديق