Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

اهي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ حاضري ڏيندا آهن۔ جيڪو ملائڪ هڪ ڀيرو حاضري ڏئي ويندو آهي، ان کي ٻيهر حاضري جو شرف ناهي ملندو، سڄي عمر ۾ صرف ڪجھ ڪلاڪ يعني اڌ ڏينهن جي حاضري نصيب ٿيندي آهي۔ (مفتي صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حديثِ پاڪ جي هن حصّي ايستائين جو جڏهن زمين کُلندي ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ستَّر (70) هزار ملائڪن ۾ نڪرندا جيڪي حُضُورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پهچائيندا۔جي وضاحت ۾ لکن ٿا:) يعني قيامت جي ان ڏينهن جي ڊيوٽي وارا ملائڪ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي جُھرمٽ ۾ وٺي ربّ ڪريم تائين گھوٽ جيان پهچائيندا۔ (مرآۃ المناجیح، ۸/۲۸۲تا ۲۸۳) 

امامِ عشق و محبت، اعليٰ حضرت مولانا شاھ احمد رضا خان”حدائقِ بخشش“ ۾ انهيءَ ڳالھ جي طرف اشارو ڪندي ڇا ته خوب فرمائن ٿا:

  ستّر ہزار صُبْح ہیں سَتّر ہزار شام

یُوں بندَگیِ زُلف و رُخ آٹھوں پہر کی ہے

                                           (حدائق بخشش ، ص۲۲۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖيعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.