Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

هو، ڪافرن صرف سندن جي پِنيءَ مبارڪ تي ڪارو نشان ڏٺو، انهيءَ سان پاڻ کي سڃاڻي ورتائون.

بَيۡتُ الۡمُقَدَّسۡ ڪيئن فتح ٿيو...؟

بَيتُ الۡمُقَدَّسۡ جيڪو نهايت ئي مبارڪ شهر آهي، هي پهريون ڀيرو حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جي دورِ خلافت ۾ فتح ٿيو، ان جي فتح جو واقعو تمام گهڻو حيران ڪندڙ آهي، ٿيو ايئن جو حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه حضرت ابو عُبَيۡده بن جرّاح رَضِىَ اللهُ عَنْه کي سپھ سالارُ (اڳواڻ) بڻايو ۽ هڪ لشڪر ڏئي ڪري بَيتُ الۡمُقَدَّسۡ جي لاءِ روانو ڪيو، حضرت ابو عُبَيۡده بن جرّاح رَضِىَ اللهُ عَنْه لشڪر سان گڏ بَيتُ الۡمُقَدَّسۡ پهتا، ڪافرن جي ڪوٽَ کي گهيري ورتو، تقريباً 4 مهينن تائين هي جنگ هلندي رهي پر ڪو نتيجو نه نڪتو.

بَيتُ الۡمُقَدَّسۡ ۾ ڪافرن جو هڪ وڏو راهب هو، هڪ ڏينهن اهو راهب قلعي جي ڀت تي چڙهيو ۽ حضرت ابو عُبَيۡده بن جرّاح رَضِىَ اللهُ عَنْه کي مخاطب ڪندي چيو: اسان هر حال ۾ توهان سان جنگ ڪنداسين، اسان جي شهر کي صرف هڪ ئي شخص فتح ڪري سگهي ٿو، ان جا اوصاف اسان جي ڪتابن ۾لکيل آهن تون اهو ناهين.

حضرت ابو عُبَيۡده بن جرّاح رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: اهو ڪير هوندو؟ توهان جي ڪتابن ۾ ان جا ڪهڙا اوصاف لکيل آهن؟ راهب چيو: مُحمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جو امتي هوندو، ان جو نالو عمر بن خطاب هوندو، ماڻهو ان کي فاروق چوندا، ديني معاملي ۾ تمام گهڻو سخت هوندو، الله پاڪ جي معاملي ۾ ماڻهن جي ملامت جي پرواھ نه ڪندو.

حضرت ابو عُبَيۡده بن جرّاح رَضِىَ اللهُ عَنْه راهب جي هي ڳالھ ٻڌي ڪري مُسڪرايائون ۽ خوشيءَ وچان فرمايائون: فَتَحْنَا الْبَلَدَ وَ رَبِّ الْکَعْبَۃِ يعني ڪعبي جي ربَّ جو قسم! اسان هي شهر فتح ڪري ڇڏيو. پوءِ حضرت ابو عُبَيۡده بن جرّاح رَضِىَ اللهُ عَنْه