Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

اي عاشقانِ رسول! نيڪ، باڪردار بااخلاق مسلمان بڻجڻ، سنّتن تي عمل جو جذبو ماڻڻ ۽ اسلام جي سربلنديءَ جي لاءِ سرگرم رهڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي چڙهي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکریم! ان جي برڪت سان گناھ ڇڏڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري جو ذهن بڻجندو. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم رسالو نيڪ اعمال پڻ آهي. هي مختصر رسالو مڪتبةُ المدينه تان طلب ڪريو ۽ چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ(www.dawateislami.net) تان ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو بلڪه وڌيڪ آساني چاهيو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amal ايپليڪيشن انسٽال ڪريو، ان ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوال  ڏنا ويا آهن، هر سوال جي هيٺ 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضي جو ڪو به وقت مقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، ۽ ان جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکریم! ان جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل کي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردارصاف سٿرو،  اجرو ۽ خوب صورت ٿي ويندو. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

پورو خاندان سڌري ويو

ضلع اَٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، مان گناھن سان ڀرپو زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڏسڻ، آوارا گردي ڪرڻ، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مونکي مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوشنصيبي جو مان