Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

اي عاشقانِ رسول! هي آهي دعاءِ مصطفٰي جو اثر...!! حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جيستائين دنيا ۾ رهيا، اسلام جي عزّت بلند کان بلند ٿيندي وئي پر هاءِ افسوس! جڏهن حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو وصال ٿيو، پاڻ دنيا مان پردو فرمايو، ان وقت کان فتنن جو دور شروع ٿي ويو.

فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فتنن جا تالا آهن

هڪ ڀيري حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ حضرت ابو ذَرۡ غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ملاقات ٿي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه حضرت ابو ذَرۡغفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه سان هٿ ملايو ۽ پيار سان انهن جو هٿ دٻايو ، ان تي حضرت ابوذَرۡغفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه چيو: دَعْ يَدِيْ يَا قُفْلَ الْفِتْنَةِ يعني اي فتني جا تالا! منهنجو هٿ ڇڏي ڏيو.

حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن ان جي وضاحت پڇي ته حضرت ابو ذَرۡ غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه چيو: هڪ ڏينهن الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن توهان کي ڏسي ڪري فرمايو هو: لَا تُصِيْبُكُمْ فِتْنَةٌ مَّا دَامَ هٰذَا فِيْكُمْ  يعني جيستائين هي (يعني حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه) توهان جي درميان موجود آهن، توهان کي ڪو فتنو نه پهچندو. ([1])

اهلِ اسلام فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي موت تي روئيندا

هڪ ڏينهن حضرت جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم بارگاھِ رسالت ۾ حاضر هئا، حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ذڪرِ خير ٿيو، ان تي حضرت جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو: لَيَبْكِيَنَّ الْاِسْلَامُ مِنْ بَعْدِ مَوْتِكَ عَلٰى مَوْتِ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ يعني يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهلِ اسلام ٻه ڀيرا روئيندا، هڪ ڀيرو ان وقت جڏهن جڏهن توهان دنيا مان پردو فرمائيندا ۽ ٻيو ڀيرو جڏهن عمر فاروق (رَضِىَ اللهُ عَنْه)


 

 



[1]...  تاریخ دمشق، جلد:44، صفحہ:334۔