Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

ديني احڪامَ نافذ ڪرڻ ۾ سختي ڪرڻ وارا حاڪم

هڪ ڀيري مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ پادريءَ کان پڇيو: ھَلْ تَجِدُوْنَا فِیْ شَیْءٍ مِّنْ کُتُبِکُمْ يعني ڇا توهان جي ڪتابن ۾ اسان جي باري ۾ به ڪجھ لکيل آهي؟ پادريءَ هاڪاري ۾ جواب ڏنو، حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه پڇيو: کَیْفَ تَجِدُوْنِیْ مونکي پنهنجي ڪتابن ۾ ڪيئن ڏسين ٿو؟ پادريءَ چيو: قَرْنٌ مِّنْ حَدِیْدٍ يعني اسان جي ڪتابن ۾ لکيل آهي توهان لوھَ جو سنڱ آهيو. پاڻ فرمايائون: لوھَ جو سنڱ! ان جو ڇا مطلب آهي؟ پادريءَ چيو: اَمِیْرٌ شَدِیْدٌ يعني (ديني احڪامَ نافذ ڪرڻ ۾) سختي ڪرڻ وارا حاڪم. ان تي حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندي فرمايو: الله پاڪ سڀ کان وڏو آهي، تمام تعريفون انهيءَ جي لاءِ آهن. ([1])

نجران وارن جي گواهي (شاهدي)

هڪ ڀيري اَميرُالمؤمنين حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن گهوڙي تي سوار ٿي ڪري ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا، اوچتو سندن جي پِنيءَ (بُڪيءَ) مبارڪ تان ڪپڙو هٽي ويو، اتفاقي ڳالھ آهي ته انهيءَ وقت نجران وارا (جيڪي ڪافر هئا، انهن) مان ڪنهن جي نظر سندن جي پِنيءَ مبارڪ تي پئي، اتي ڪارو نشان هو، ان تي نجران وارن چيو: ھٰذَا الَّذِیْ نَجِدُ فِیْ کِتَابِنَا یُخْرِجُنَا مِنْ اَرْضِنَا يعني هي اهو ئي شخص آهي جنهن بابت اسان جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هي اسان کي اسان جي زمين مان ڪڍي ڇڏيندو. ([2])

الله اکبر! اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! ڏٺو توهان! اڳين آسماني ڪتابن ۾ حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جو ذڪرِ خير ڪيڏو تفصيل سان موجود


 

 



[1]...  مناقب امیر المؤمنین عمر بن الخطاب لابن الجوزی، الباب الرابع، فی صفۃ  فی التوراۃ، صفحہ:15۔

[2]...  مجمع الزوائد، باب مناقب عمر بن الخطاب، باب فی صفۃ، جلد:9، صفحہ:32، حدیث:14400۔