Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar
جيڪو به امّتي توهان تي هڪ ڀيرو دُرود شريف پڙهندو، الله پاڪ ان تي 10 رحمتون به نازل فرمائيندو ۽ 10 درجات به بلند فرمائيندو. ([1])
مومنو! پڑھتے نہیں کیوں اپنے آقا پر درود ہے فرشتوں کا وظیفہ اَلصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام([2])
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ سٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔([3])
اي عاشقانِ رسول! چڱين چڱين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم!
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پنهنجي محفلن کي عُمر جي ذڪر سان سينگاريو!
مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ، حضرت عائشه صدّيقه طيّبه، طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: زَیِّنُوْا مَجَالِسَکُمْ بِذِکْرِ عُمَرَ پنهنجي مجلسن کي حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه