Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جا ڪجھ فضائل

اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جا فضائل بي حد ۽ بي شمار آهن، هڪ ڀيري جبريلِ امين عَلَيۡه السّلام بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا. حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جو ذڪر ٿيو، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اي جبريل! عمر جا فضائل ۽ الله پاڪ وٽ انهن جو مقام ۽ مرتبو بيان ڪيو! حضرت جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو:  لَوْجَلَسْتُ مَعَكَ قَدْرَ مَا لَبِثَ نُوْحٌ فِيْ قَوْمِهٖ لَمْ اَسْتَطِعْ اَنْ اُخْبِرَكَ بِفَضَائِلِ عُمَرَ وَمَا لَهٗ عِنْدَ اللہِ يعني يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! حضرت نوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جن جيتري ڄمار ماڻي، جيڪڏهن مان ايترو عرصو به توهان جي خدمت ۾ ويهان ۽ عمرِفاروق جا فضائل ئي بيان ڪندو رهان تڏهن به مان حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جا فضائل ۽ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ انهن جو مقام ۽ مرتبو پوري طريقي سان بيان نه ڪري سگهندُس. ([1])

الله اکبر!اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! غور فرمايو! حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جا فضائل بيان ڪرڻ وارا ڪي عام ناهن بلڪه ملائڪن جا سردار حضرتِ جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام آهن ۽ فضائل ٻڌڻ وارو به ڪو عام هستي ناهي بلڪ ٻنهي جهانن جا مالڪ ۽ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن ان جي باوجود جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن مان حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي عمر جيترو عرصو به بيان ڪريان، يعني هڪ هزار سال کان به وڌيڪ عرصو حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جا فضائل ئي بيان ڪندو وڃان تڏهن به مان پورا فضائل بيان نه ڪري سگهندُس. هن مان اندازو لڳايو! حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جا فضائل ڪيترا وڌيڪ آهن.


 

 



[1]...  الریاض النضرۃ، الباب الثانی فی مناقب عمر،  صفحہ:273۔