Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

* نيڪ ماڻهن جون زندگيون گهٽ ٿي وينديون * ماڻهو فرقن ۾ ورهائجي ويندا * تڏهن جهنّم جا تالا کوليا ويندا ۽ ماڻهو ان ۾ ڪرڻ لڳندا. ([1])

فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه اسلام کي عزّت ڏني

سُبحان! اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! ڪهڙو ته نرالو شان آهي، حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن اڃان دنيا ۾ تشريف کڻي به نه آيا هئا، ان کان پهريان ئي جيڪي ماڻهو اڳين آسماني ڪتابن جي تلاوت ڪندا هئا، آسماني ڪتابن جا عالِم هئا، اڳين نبين جي ارشادن کي ڄاڻيندا هئا، انهن کي معلوم هو ته امّتِ مصطفٰي ۾ هڪ شخص هوندا *  انهن جو نالو عمر بن خطّاب هوندو * انهن جو يقين نهايت ئي پَڪو هوندو * جيستائين اهي دنيا ۾ رهندا انهن جو دين غالب رهندو، ماڻهو جهنّم کان بچيل رهندا ۽ جڏهن اهي دنيا مان هليا ويندا ته جهنّم جا تالا کوليا ويندا.

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي ٿورو دعاءِ مصطفٰي جو اثر به ڏسو! الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دعا ڪئي هئي: اَللّٰہُمَّ اَعَزِّ الْاِسْلَامَ بِعُمَربْنِ الْخَطَّاب  اي الله پاڪ! عمر بن خطّاب جي ذريعي اسلام جي  عزّت بلند فرماءِ. ([2])

هيءَ دعاءِ مصطفٰي جي برڪت هئي جو جنهن ڏينهن حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن اسلام قبول فرمايو، انهي وقت مسلمانن خوشيءَ سان الله اکبر جا نعرا لڳايا، جنهن جو آواز مڪي شريف ۾ پري پري تائين ٻڌو ويو، ان ڏينهن مسلمانن پهريون ڀيرو مسجدِ  حرام ۾ اعلانيه نماز ادا فرمائي، ان ڏينهن کان وٺي ڪري حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ظاهري وصال تائين اسلام جون عزّتون بلند ۽ بالا ٿينديون ويون، اسلام پري پري تائين پکڙيو، عدل ۽ انصاف جو بي مثال نظام قائم ٿيو ۽ ڪافرن جي محلّات تي به اسلام جو جهنڊو بلند ٿي ويو.


 

 



[1]... تاريخ دمشق، جلد:44، صفحہ:334۔

[2]...  ابن ماجہ، فضل عمر رَضِیَ اللہُ عنہ ، صفحہ:31، حدیث:105 ۔