Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

جو وصال ٿيندو. ([1])

فاروقِ اعظم اسلام جو مضبوط قلعو

حضرت زيد بن وَهب رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري صحابيءِ رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه جي خدمت ۾ حاضر هئاسين، مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جو ذڪرِ خيرِ ٿيو، سندن نالو ٻڌي ڪري حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه زاروقطار روئڻ لڳا، ايستائين جو سندن ڳوڙهن سان نُک آلي ٿي وئي. پوءِ پاڻ فرمايائون: بيشڪ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه اسلام جا مضبوط قلعا هئا، جنهن ۾ ماڻهو داخل ته ٿي سگهن ٿا پر نڪري نه سگهندا هئا. هاءِ جيئن ئي حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو انتقال ٿيو، ماڻهو اسلام مان ٻاهر نڪرڻ لڳا. ([2])

اڄ اسلام ڪمزور ٿي ويو

جنهن ڏينهن حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو انتقال ٿيو، ان ڏينهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضاعي (يعني کير پياريندڙ) امڙ سائڻ حضرت اُمِّ اَيۡمن رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمايو: اَلْيَوْمَ وَهِيَ الْاِسْلَامُ يعني اڄ اسلام ڪمزور ٿي ويو. ([3])

بہارِ باغِ ایماں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں    چراغِ بزمِ عرفاں حضرت فاروقِ اعظم ہیں

عمر عامر  ہیں دیں کے  حق تعالیٰ ان کا ناصر ہے     دِلِ مومن کے تاباں حضرتِ فاروق اعظم ہیں ([4])

وضاحت: يعني ايمان جي باغ جي بهار ۽ معرفت جي محفل جا ڏيئا


 

 



[1]...  الریاض النضرۃ، الباب الثانی، الفصل التاسع، ذکر نبذۃ من فضائلہ، صفحہ:273۔

[2]... طبقات الکبری، ذکر استخلاف عمر، جلد:3، صفحہ:283۔

[3]...  معجم کبیر، جلد:25، صفحہ:86، حدیث:221۔

[4]...  دیوانِ سالک، صفحہ:73-75۔