Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

مشقّت سٽيائون* پنهنجي خواهشن کي ماري هميشه اسلام کي ئي سربلند ڪيائون.

هن ۾ اسان جي لاءِ درس آهي هاءِ! اسان پنهنجي خواهشن کي پورو ڪرڻ جي خاطر، پنهنجي آرام جي لاءِ، اسلام جي سربلندي جي پرواھ  نٿا ڪيون، اسان جي ڪردار کي ڏسي ڪافرَ اسلام کان نفرت ڪرڻ لڳندا آهن، هاءِ! دنيا جي محبت، مال جي لالچ، پنهنجي اَنا جي لاءِ، ذات پات جي نالي تي اجايو جهيڙا جهڳڙا، قتل ۽ غارت، دغابازي، ڪوڙ، بهتان هڻڻ، ڌوڪو ڏيڻ مطلب ته اها ڪهڙي برائي آهي جيڪا اڄ مسلمانن جي ڪردار ۾ ڏسڻ جي لاءِ نه ٿي ملي...!! ياد رکو! اسان جو  منفي(Negative) ڪردار صرف اسان جي لاءِ ناهي، الله پاڪ جي پاڪيزه دين دينِ اسلام جي لاءِ نقصان ڪار آهي، ماڻهو اسان مسلمانن کي ڏسي ڪري اسلام جي تصوير پنهنجي ذهنن ۾  ويهارين ٿا.

هڪ مُفَڪِّر انگريز جو عبرتناڪ جواب

شيخ الحديث، حضرت علّامه عبد المصطفٰي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه فرمائن ٿا: مونکي هڪ مُفڪّر انگريز جي ڳالھ ياد ايندي آهي، ان کي ڪنهن مسلمان چيو هو: صاحبِ نظر (يعني عقل مند) آهين، پوءِ مسلمان ڇو نه ٿو ٿي وڃي؟ ان تي انگريز عبرتناڪ جواب ڏنو جو ان کي ٻڌي ڪري هر غيرت مند مسلمان جي پيشاني تي ندامت سبب پگهر اچي وڃي. ان چيو: مان جڏهن ان اسلام کي ڏسان ٿو جيڪو اسلامي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته منهنجي دل ۾ اسلام جي حقّانيت گهر ڪري ويندي آهي پر جڏهن مان ان اسلام کي ڏسان ٿو جنهن تي اڄ جا مسلمان عمل ڪري رهيا آهن ته منهنجي دل ۾ اسلام کان نهايت ئي نفرت پيدا ٿي ويندي آهي. ([1])

بَن گئے تنکے نشیمن کے قفس کی تیلیاں     بَن گیا کیا؟ ہم چلے تھے کیا بنانے کے لئے


 

 



[1]...  عرفانی تقریریں، بیان: زوال کے  اسباب، صفحہ:101بتغیر قلیل۔