Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

اُٿ! اي جهنّم جي  تالي جا پٽَ...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! انهيءَ مفهوم جي هڪ ٻي روايت به آهي، حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪي وڏي رتبي وارا صحابيءِ رسول آهن، پاڻ اسلام قبول ڪرڻ کان پهريان تورات شريف جا تمام وڏا عالم هئا، هڪ ڀيري سندن ڏٺو ته هڪ شخص چادر وجهي سُمهي رهيو آهي، پاڻ ان کي پيرَ سان لوڏي ڪري چيو: ڪير آهين؟ سمهڻ واري اٿي ڪري چيو: اَمِیْرُ الْمُؤْمِنِیْن (يعني حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه) جو پٽ عبد الله بن عمر آهيان. ان تي حضرت عبد الله بن سلام
رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: : قُمْ يَا اِبْنَ قُفْلِ جَهَنَّم يعني اي جهنّم جي تالي جا پٽَ! اُٿو!

پنهنجي والدِ محترم جي متعلّق اهڙا الفاظ ٻڌي ڪري عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي، پاڻ سڌو پنهنجي والدِ محترم حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ چيائين: بابا سائين! حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنْه توهان کي جهنّم جو تالو ٿو چئي.

حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن کي به هي ٻڌي ڪري حيرت ٿي، پاڻ فوراً حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ تشريف کڻي آيا ۽ پڇيائون: اي ابن سلام! خبر پئي آهي ته توهان مونکي جهنّم جو تالو ٿا چئو؟ حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنْه چيو: جي ها! چوندو آهيان. پڇيائون توهان کي ڪيئن خبر پئي ته مان جهنّمي آهيان؟ حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: مَعَاذَ الله! مون توهان کي جهنّمي نه چيو بلڪه جهنّم جو تالو چيو آهي، مونکي منهنجي والد روايت ٻڌائي هئي ته الله پاڪ جي نبي حضرت موسٰي عَلَيۡه السّلام فرمايو: * امّتِ محمد ۾ هڪ شخص هوندو ان کي ماڻهو عمر بن خطّاب چوندا * اهي سڀ کان بهتر دين وارا هوندا * انهن جو يقين نهايت ئي پڪو هوندو جيستائين اهي دنيا ۾ رهندا انهن جو دين غالب رهندو* ماڻهو الله پاڪ جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيل رهندا * جهنّم تي تالا لڳل رهندا * جڏهن عمر دنيا مان هليا ويندا ته يقين ڪمزور ٿي ويندا