Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

جن حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏانهن خط لکي ڪري بَيتُ الۡمُقَدَّسۡ اچڻ جو عرض ڪيو، حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جڏهن تشريف کڻي آيا ته ان نصراني راهِب حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن کي ڏسي سڃاڻي ورتو ۽ ان پنهنجي قوم کي پڪاري چيو: اي انسانو! هي اهو ئي آهي، جنهن جو ذڪر اسان جي ڪتابن ۾ آهي، هيءُ ئي اسان جو شهر فتح ڪندو.

پوءِ انهن ڪافرن بنا جنگ ڪرڻ جي ئي بَيتُ الۡمُقَدَّسۡ حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ([1])

فارقِ حق وباطل امامُ الہُدیٰ                         تیغِ مَسْلُولِ شدت  پہ لاکھوں سلام

وضاحت: حق کي باطل کان جدا ڪرڻ ۽ هدايت ڏيڻ وارا بَرحق امام حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن ان تلوار جيان آهن جيڪا اسلام جي حمايت ۾ سختيءَ سان بلند ڪئي ويندي آهي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه تي لکين سلامَ هجن.

فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه مسلمانن تي رحيم ۽ ڪريم آهن

حضرت ڪعبُ الاَحۡبَار رَضِىَ اللهُ عَنْه وڏي مرتبي وارا تابعي آهن. جڏهن بَيتُ الۡمُقَدَّسۡ فتح ٿيو، ان وقت حضرت ڪعبُ الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه جي حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن سان پهرين ملاقات ٿي، ان وقت حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪلمو پڙهي ڪري اسلام  به قبول ڪيو. ([2])

۽ انهي موقعي تي حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه ٻڌايو ته الله پاڪ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: اهڙا شهر جنهن ۾ بني اسرائيل رهندا هوندا، انهن جي فتح هڪ اهڙي شخص جي هٿان ٿيندي * جيڪو نيڪوڪار هوندو * مسلمانن تي رحم ڪرڻ وارو ۽ ڪافرن جي لاءِ دردناڪ عذاب هوندو* ان جو ظاهر ۽ باطن هڪ


 

 



[1]...  فتوح الشام ، ذکر فتح مدینۃ بیت المقدس، جلد:1، صفحہ:223-225-232ملتقطاً۔

[2]...  فتوح الشام، ذکر مدینۃ بیت المقدس، جلد:1، صفحہ:233خلاصۃً۔