Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

فاروقِ اعظم سان محبّت جي فضيلت

اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن ته فاروقِ اعظم آهن، انهن جو ته شان ئي نرالو آهي، جيڪو خوش نصيب سندن سان محبت ڪرڻ لڳندو آهي، اهو به نرالي شان وارو ٿي ويندو آهي. صحابيءِ رسول حضرت انَس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ عُمَرَ عُمِّرَ قَلْبُہٗ بِالْاِیْمَانِ يعني جيڪو حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه سان محبت ڪري ان جي دل ايمان سان ڀري ويندي آهي. ([1])

بھٹک سکتا نہیں ہر گز کبھی وہ سیدھے رستے سے   کرم جس بَخْت وَر پر ہو گیا فاروقِ اعظم کا ([2])

فاروقِ اعظم جي محبت قابلِ رشڪ دولت آهي

اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جي محبت ڪا عام شيءِ ناهي، هي قابلِ رشڪ دولت آهي. سڀ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم پاڻ ۾ هڪٻئي سان محبت ڪندا هئا پر حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جي محبت اها محبت آهي جو صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ان محبت تي فخر ڪندا هئا.

حضرت اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: مَتَی السَّاعَۃُ ؟ يعني يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! قيامت ڪڏهن ايندي؟

(يقيناً اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت جو علم رکن ٿا، پاڻ ڪريم کي معلوم هو ته قيامت ڪڏهن ايندي، تڏهن ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت جون نشانيون بيان فرمايون، قيامت ڪهڙي ڏينهن ايندي، هي به ٻڌايائون، ڪهڙيءَ تاريخ تي ايندي، هي به ٻڌايائون. ها! صرف سال نه ٻڌايائون، ان ڪري جو سال ٻڌائڻ جي اجازت نه


 

 



[1]... الریاض النضرۃ، الباب الثانی فی مناقب عمر، ذكر الحث علی محبتہ، صفحہ:275۔

[2]...  وسائل بخشش، صفحہ:527۔