Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه آهن، الله پاڪ جي مدد سان اسلام جي عمر وڌائڻ وارا ۽ مؤمنن جي دل کي چمڪائڻ وارا حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه آهن.

اي اهلِ محشر! هي عمر آهن...!!

حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي قيامت جي ڏينهن جڏهن حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا، ان وقت اسلام عرض ڪندو:  يَارَبِّ هٰذَا عُمَرُ اَعَزَّنِيْ فِيْ دَارِ الدُّنْيَا فَاَعِزْهُ فِيْ عَرَصَاتِ الْقِيَامَةِ  يعني اي ربِّ رحمٰن ۽ رحيم! هي عمر آهن، هنن دنيا ۾ منهنجي عزّت بلند ڪئي، اڄ قيامت جي ميدان ۾ تون هنن کي عزّت عطا فرماءِ.

ان سان گڏ ئي حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه کي 2 جُبا پارايا ويندا، انهن جبن جي خوشبو اهڙي هوندي جو انهن مان هڪ به دنيا ۾ کوليو وڃي ته سڄي دنيا ان جي مهڪ سان مُعطّر ٿي وڃي. حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن کي نوراني ڏاچيءَ تي ويهاريو ويندو، سندن اڳيان 70 هزار جهنڊا ڦڙڪي رهيا هوندا، ان وقت   محشر جي ميدان  ۾ هڪ آواز گونجندو:
 
یٰاَهْلَ الْمَوْقَفِ هٰذَا عُمَرُ فَاعْرِفُوْهُ  اي اهلِ محشر! هي عمر آهن، هنن کي سڃاڻو...! ([1])

اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، اسلام جي سربلنديءَ جي لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا *پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان جنگين ۾ به شريڪ رهيا *جان تِريءَ تي رکي ڪري *اسلام جي خاطر وڙهيا اسلام جي سربلنديءَ جي خاطر پاڻ کي مشقت ۾ به وڌائون *دنيا ۾ عدل جو نظام قائم ٿيو، ان جي لاءِ پاڻ بکايل به رهيا *تقريباً اڌ دنيا جو رعب دار خليفو هئڻ جي باوجود پاڻ چَتيون لڳل ڪپڙا به پاتائون * قربانيون ڏنائون *


 

 



[1]...  الریاض النضرۃ، الباب الثانی، الفصل التاسع، ذکر نبذۃ من فضائلہ، صفحہ:274۔