Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جي نڪاح ۾ هيون، هڪ ڏينهن حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن ڏٺو ته حضرت امِّ ڪلثوم رَضِىَ اللهُ عَنْها زارو قطار روئي رهيون آهن، پاڻ روئڻ جو سبب پڇيائون ته زوجه محترمه چيو: اي اَمِیْرُ الْمُؤْمِنِیْن! ڪعبُ الاحبار چون ٿا ته توھان جهنّم جي دروازي تي آهيو.

حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن هي ٻڌو ته کين خوفِ خدا طاري ٿي ويو، پاڻ فوراً حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه کي گهرايائون. حضرت ڪعب رَضِىَ اللهُ عَنْه جن حاضر ٿي عرض ڪيو: اي اَمِیْرُ الْمُؤْمِنِیْن! مون تي جلدي نه ڪجو! الله جو قسم! ذوالحج جو مهينو ختم ٿيندي ئي توهان جنّت ۾ تشريف کڻي ويندؤ.

حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن هي ڳالھ ٻڌي ته حيرت وچان فرمايائون: اَيَّ شَيْءٍ هٰذَا مَرَّةً فِي الْجَنَّةِ وَمَرَّةً فِي الَّنارِ؟ يعني اي ڪعب! هي ڪهڙي ڳالھ ڪيو ٿا...؟؟ ڪڏهن چئو ٿا مان جهنّم جي دروازي تي آهيان، ۽ ڪڏهن چئو ٿا مان جنّتي آهيان؟ حضرت ڪعب  رَضِىَ اللهُ عَنْه جن عرض ڪيو: وَالَّذِيْ نَفْسِيْ بِيَدِهٖ! اِنَّا لَنَجِدُكَ فِيْ كِتَابِ اللہِ عَلٰى بَابٍ مِّنْ اَبْوَابِ جَهَنَّمَ تَمْنَعُ النَّاسَ اَنْ يَقْعُوْا فِيْهَا، فَاِذَا مِتَّ لَمْ يَزَالُوْا يَقْتَحِمُوْنَ فِيْهَا اِلٰى يَوْمِ الْقِيَامَةِ يعني اي اَمِیْرُ الْمُؤْمِنِیْن! ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! اسان الله پاڪ جي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته توهان جهنّم جي دروازي تي آهيو ۽ ماڻهن کي جهنّم ۾ ڪرڻ کان روڪي رهيا آهيو، جڏهن توهان دنيا مان تشريف کڻي ويندؤ ته ماڻهو قيامت تائين جهنّم ۾ ڪِرندا رهندا. ([1])

بھٹک سکتا نہیں ہر گز کبھی وہ سیدھے رستے سے      کرم جس بخت ور پر ہو گیا فاروقِ اعظم کا

خُدا کی خاص رحمت سے، مُحَمَّد کی عنایت سے       جہنّم میں نہ جائے گا، گدا فاروقِ اعظم ([2])


 

 



[1]...  کنز العمال، کتاب الفضائل، جز:12، جلد:6، صفحہ:256، حدیث:35782۔

[2]...  وسائل بخشش، صفحہ:527۔