Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

Book Name:Asmani Kitab Aur Hazrat Umar

ڪفايت جيترو رزق ڏنو ويو ۽ ان الله پاڪ جي ڏنل (رزق) تي قناعت ڪئي بيشڪ اهو ڪامياب ٿيو ([1]) (2): اي ابو هريره! قناعت اختيار ڪيو سڀ کان وڌيڪ شڪر گذار بڻجي ويندؤ. ([2])

اي عاشقانِ رسول! قناعت سنّتِ مصطفٰي آهي. قناعت جي معنٰي آهي: جيترو مليو ان تي راضي رهڻ، وڌيڪ جي خواهش نه ڪرڻ *الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي جيڪو ملندو هو رضا خوشيءَ سان کائي وٺندا هئا *پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن ۾ کاڌي مان عيب نه ڪڍيو *پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به لذيذ پُر تَڪلُف کاڌن جي خواهش نه فرمائي *پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مال ۽ دولت جي خواهش نه رکندا هئا.

کل جہاں مِلک اور جَو کی روٹی غذا       اس شکم کی قناعت پہ لاکھوں سلام ([3])

پيارا اسلامي ڀائرو! سنّتِ مصطفٰي تي عمل ڪريو، قناعت اختيار ڪريو *قناعت ايمان جو ڪمال، اسلام جو حُسن آهي *قناعت ڪرڻ وارو پاڻ کي دنيا کان بچائيندو، آخرت جي راھ تي هلندو آهي *قناعت ڪرڻ وارو الله پاڪ کي محبوب آهي *قناعت ڪرڻ وارن سان ماڻهو به محبت ڪندا آهن ([4]) *امام شافِعي رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه فرمائن ٿا: قناعت مالداريءَ جو اصل آهي. ([5])

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو


 

 



[1]...  مسلم، کتاب:الزکاۃ، باب:القناعۃ، صفحہ:376، حدیث:1054۔

[2]...  ابن ماجہ، کتاب:الزہد، باب:الورع والتقویٰ،صفحہ:684، حدیث:4217ملتقطًا۔

[3]...  حدائق بخشش، صفحہ:304۔

[4]...  نضرۃ النعیم، جلد:8، صفحہ:3175۔

[5]...  دیوانِ امام شافعی، صفحہ:133۔